194

سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس 37 لک 88 هزار کان وڌيڪ حياتيون کسي چڪو آهي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڀارت، آمريڪا ۽ برازيل سيمت سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي وبا سبب فوتگين ۽ مريضن جو انگ ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي، ڀارت ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 91 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ان دوران مختلف ملڪن ۾ موذي وائرس سبب فوتگين جو انگ 37 لک 88 هزار تائين پهچي ويو. جڏهن ته متاثرن جو انگ 17 ڪروڙ 56 لک کان وڌي ويو آهي. جمعي تي آمريڪي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ 175626925 آهي، وائرس سان متاثر ملڪن مان هاڻي تائين 3788966 حياتيون ڳڙڪائي چڪو آهي. سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي فعال متاثرن جو انگ 12341567 آهي، ڪورونا وائرس جي وبا سبب آمريڪا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب هاڻي تائين مجموعي فوتگين جو انگ  دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. برازيل ڪورونا وائرس سبب فوتگين جي لحاظ کان ٻيو ۽ متاثر  مريضن جي حوالي سان ٽئين نمبر  تي آهي جڏهن ته ڀارت ڪورونا وائرس  جي مريضن جي اعتبار سان ٻيو ۽ فوتگين جي انگن اکرن سان چوٿون شديد متاثر ملڪ آهي. جڏهن ته ميڪسڪيو فوتگين جي حوالي سان ٽيو ملڪ آهي. آمريڪا ۾ موذي ڪورونا وائرس متاثر جوانگ 3 ڪروڙ 42 لک 75 هزار کان وڌي ويو آهي جڏهن ته جي وبا سبب فوتگين جو انگ 6 لک 14 هزار تائين پهچي ويو آهي. سچي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ٻئي ۽ ٽئين لهر جي دوران به آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن.  لاطيني آمريڪي ملڪ برازيل ۾ موذي ڪورونا وائرس سبب مريضن جو انگ هڪ ڪروڙ  72 لک کان وڌي ويو آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب هيل تائين 4 لک 82 هزار کان وڌيڪ فوت ٿي چڪا آهن.  ٻئي طرف ڀارت ۾ موذي ڪورونا وائرس متاثر جو انگ 2 ڪروڙ 92 لک 74 هزار کان وڌي ويو آهي جڏهن ته  مريضن جي اعتبار سان ڀارت دنيا جھو ٻيو سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي، ملڪ جي مختلف رياستن ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جي ممجموعي انگ 29274823 آهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 91702 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. موذي وائرس سبب وڌيڪ 3403 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. فرانس ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثرين جو انگ 57 لک 29 هزار آهي ملڪ ۾ هيل تائين موذي وائرس سان هڪ لک 10 هزار فوت ٿي چڪا آهن. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو