130

ڀارت ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 2 ڪروڙ 92 لک 74 هزار کان وڌي ويو، 3 لک 63 هزار فوتگيون

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ موتمار ڪورونا وائرس متاثرن جو انگ 2 ڪروڙ 92 لک 74 هزار کان وڌي ويو. جمعي تي ڀارتي سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق ڪورونا وائرس جي مريضن جي اعتبار سان ڀارت دنيا جو ٻيون سڀني کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي، ملڪ جي مختلف رياستن ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو مجموعي انگ 29274823 آهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ڪورونا وائرس جا 91702 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته ان دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3403 مريض فوت ٿيا آهن. ڀارتي صحت واري وزارت جي انگن اکرن مطابق سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسز جو انگ 1121653 آهي. ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر رياست مهاراشٽر آهي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو