ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا نيلم منير احسن خان سان گڏ هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي آهي، وڊيو ۾ نيلم منير پنهنجي ڪار ڊانس وڊيو بابت ڳالهائي رهي آهي، نيلم منير چيو ته مون کي توقع نه هئي ته سوشل ميڊيا تي ڊانس وڊيو جو ردعمل اهڙو ايندو واٽس ايپ تي 4 هزار ميسج آيا، دٻاءُ سبب ڪراچي ۾ گهر جو ايڊريس وساري ويٺيس، هن چيو ته وڊيو ٻي ڪنهن نه پر منهنجي ساهيڙين ٺاهي، وڊيو ۾ اهڙي ڪا خراب ڳالهه نه هئي، نه ئي مون کي ننڍا ڪپڙا پاتل هئا، نه ئي ان ۾ ڪو ڇوڪرو هو، وڊيو ۾ صرف منهنجون ادائون هيون جيڪي ماڻهن کي پسند آيون، هن چيو ته هاڻي ماڻهو ڇا به چون پر مون کي جيڪا شهرت ملي، اها منهنجي نصيب ۾ هئي، ان کانپوءِ جيڪا شهرت ملي اها منهنجي نصيب ۾ هئي.
130