124

84کرب 87 ارب روپين جو وفاقي بجيٽ پيش، نئون ٽئڪس نه لڳو، پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ، ننڍيون گاڏيون سستيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت  نئين مالي سال 2021 ۽ 2022ع جو  84کرب 87 ارب روپين جو  وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏيو آهي،  بجيٽ ۾ ڪوبه نئون ٽئڪس نه لڳايو ويو آهي،  وفاقي سرڪاري ملازمن جي پگهار  ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ ريليف ڏيڻ ۽ پينشنرز جي پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ننڍيون گاڏيون، موبائيل فون سستا،  کاڄرو تيل، گيهه امپورٽيڊ ڪتاب، رسالا، زرعي اوزار  سستا ڪيا ويا آهن. جمع ڏينهن نئين مالي سال 2021 ۽ 2022ع جو  وفاقي بجيٽ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين پيش ڪيو. وفاقي بجيٽ ۾ ڪل خرچن جو ڪاٿو 84کرب 87 ارب روپيا لڳايو ويو آهي، بجيٽ ۾ خساري جو هدف 6.3 سيڪڙو، معاشي ترقي جو هدف 4.8 سيڪڙو مقرر،  دفاعي خرچن جو ڪاٿو 1373 ارب روپيا لڳايو ويو آهي.  نئين مالي سال ۾ وفاقي حڪومت  1246ارب روپيا پرڏيهي ۽ 2417 ارب روپيا قرض وٺندي،  قومي بچت وارين اسڪيمن مان 74 ارب روپيا حاصل ٿيندا، مختلف ادارن جي نجڪاريءَ مان 252 ارب روپيا ملڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، ايف بي آر جي ذريعي ٽئڪسن جي اوڳاڙيءَ جو ڪاٿو 5829  ارب روپيا لڳايو ويو آهي. جڏهن ته نان ٽئڪس روينيو جو هدف 2080 ارب روپيا رکيو ويو آهي. وفاقي سرڪاري ملازمن جي پگهار  ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ ريليف ملندو، پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي ۽ پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار جي حد 20 هزار روپيا مقرر ڪئي وئي آهي. پگهاردار طبقي تي ڪو به ٽئڪس نه لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ود هولڊنگ ٽئڪسن ۾ 40 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي وئي آهي. کاڄرو تيل،  گيهه ۽ فولاد تان فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ختم ڪئي ويندي جنهن سان اهي پڻ سستا ٿيندا، نئين مالي سال ۾ عوام کي بجلي، گئس ۽ کاڌي پيتي جي شين تي 682 ارب روپين جي سبسڊي پڻ ڏني ويندي. کنڊ کي ٿرڊ شيڊول ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. گاڏين ۽ يو پي ايس ۾ استعمال ٿيندڙ بيٽريون مهانگيون ٿينديون. پر ننڍيون گاڏيون سستيون ٿينديون. وفاقي حڪومت شهرين لاءِ ”منهنجي گاڏي“ اسڪيم شروع ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي، ان اسڪيم هيٺ 850 سي سي تائين جي گاڏين لاءِ ڪسٽم ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي،  مقامي سطح تي ٺهندڙ 850 سي سي جي گاڏين تان ويليو ايڊڊ ٽئڪس ختم، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي ڇوٽ ڏني ويندي،  ننڍيون گاڏيون گهرائڻ تي ود هولڊنگ ٽئڪس جي ڇوٽ ڏني وئي آهي. مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ گاڏين تي سيلز ٽئڪس جي شرح 17 سيڪڙو مان گهٽائي 12.5 سيڪڙو ڪئي وئي. مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ هيوي موٽرسائيڪل، ٽرڪن ۽ ٽريڪٽرن جي مخصوص قسمن تان ٽئڪسن ۾ گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي آهي. بجليءَ تي هلندڙ گاڏين جي ڪسٽم ڊيوٽي ۾ هڪ سال لاءِ گهٽتائي ڪئي وئي انهن تي سيلز ٽئڪس جي شرح پڻ 17 سيڪڙو مان گهٽائي هڪ سيڪڙو ڪئي وئي آهي. اڳ کان ٺهندڙ توڙي نئين ماڊل جون گاڏيون ٺاهيندڙن کي ايڊوانس ڪسٽم ڊيوٽي کان ڇوٽ ڏني وئي آهي.  زرعي اوزار  گهرائڻ تي پڻ ود هولڊنگ ٽئڪس جي ڇوٽ  ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ملڪ ۾ خصوصي ٽيڪنالاجي زون قائم ڪيا ويندا.  موبائل فون سروسز تي ود هولڊنگ ٽئڪس 8 سيڪڙو تائين گهٽايو ويندو. موبائل فون تي ود هولڊنگ ٽئڪس جي شرح 12.5 مان گهٽائي 10 سيڪڙو ڪئي وئي آهي پر  انٽرنيٽ ڊيٽا جي استعمال، ايس ايم ايس ۽ ٽن منٽن کان وڌيڪ جي موبائل فون ڪال تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائي وئي آهي جنهن سان اهي مهانگيون ٿينديون. پرڏيهه مان ڪتاب ۽ رسالا گهرائڻ تي ود هولڊنگ ٽئڪس جي ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جنهن سان اهي سستا ٿي ويندا. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ 2022 ۾ نئين آدمشماري ڪرائڻ لاءِ 5 ارب روپيا رکيا ويا آهن. اين ايف سي ايوارڊ هيٺ صوبن لاءِ 1166 ارب روپيا،  قرضن تي وياج ڀرڻ لاءِ 3060 ارب روپيا رکيا ويا آهن.  غيرترقياتي خرچن جو ڪاٿو 7523 ارب روپيا، ڪل ترقياتي خرچن جو ڪاٿو 964 ارب روپيا، وفاقي ترقياتي خرچن جو ڪاٿو 900 ارب روپيا، پينشن جو ڪاٿو 480 ارب روپيا، صوبائي گرانٽس جو ڪاٿو 1168 ارب روپيا، سبسڊيز جو ڪاٿو 682 ارب روپيا لڳايو ويو آهي. اهڙي ريت بجيٽ ۾ امن وامان لاءِ 178 ارب روپيا، ڪامياب پاڪستان پروگرام لاءِ 10 ارب روپيا، ڪورونا ايمرجنسي ريليف فنڊ لاءِ 100 ارب روپيا رکيا ويا آهن. ڪورونا ويڪسين گهرائڻ جي خرچن جو ڪاٿو 1.1 ارب روپيا،  سول حڪومت جي خرچن جو ڪاٿو  479 ارب روپيا لڳايو ويو آهي. بجيٽ ۾  پي آءِ اي لاءِ 20 ارب روپيا، صحت لاءِ 28 ارب روپيا، ايڇ اي سي لاءِ 44 ارب روپيا رکيا ويا، گهر ٺاهڻ لاءِ 70 ارب روپيا، ماحولياتي تحفظ لاءِ 43 ڪروڙ روپيا، تفريحي، ثقافتي ۽ مذهبي معاملن لاءِ 10 ارب روپيا، زرعي شعبي لاءِ 12 ارب روپيا،  ديامر ڀاشا ڊيم لاءِ 23 ارب روپيا، مهمند ڊيم لاءِ 6 ارب روپيا، نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ لاءِ 14 ارب روپيا، داسو هائيڊرو پاور رٿا لاءِ 8.5 ارب روپيا رکيا ويا آهن. سنڌ جي 14 کان وڌيڪ ضلعن جي 107ترقياتي رٿائن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 444 ارب روپيا،  ڪراچي فارميشن پلان لاءِ 739 ارب روپيا رکيا ويا آهن.  خيبر پختونخوا ۾ ضم ٿيل ضلعن جي ترقيءَ لاءِ 54 ارب روپيا رکيا ويا آهن.  وفاقي حڪومت  سيلف اسسمينٽ اسڪيم کي ان جي اصل شڪل ۾ بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو