209

مخالف ڌر وفاقي بجيٽ رد ڪري ڇڏي، اجلاس ۾ شديد گوڙ، حڪومت خلاف ڀرپور احتجاج جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر وفاقي بجيٽ رد ڪري ڇڏي، اجلاس ۾ شديد گوڙ، حڪومت خلاف ڀرپور احتجاج جو اعلان، بجيٽ معاملي تي پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ هڪ ٿي ويون، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڪرڻ گهرجي ها، معاشي صورتحال بهتر آهي ته عوام کي رليف ڇو نه ڏنو؟ وزيراعظم ڪوڙو آهي، رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن وفاقي بجيٽ کي رد ڪندي شديد گوڙ ڪيو، جڏهن ته مخالف ڌر جي عورت ميمبرن پلي ڪارڊ کڻي شوڪت ترين پٺيان بيهي احتجاج ڪيو ته ان دوران پي ٽي آءِ جي عورت ميمبر کانئن پلي ڪارڊ کسي ورتا، جنهن دوران اپوزيشن جي عورت ميمبرن شديد گوڙ ڪيو، بجيٽ تقرير کانپوءِ قومي اسيمبلي ٻاهران پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو اپوزيشن ليڊر شهباز شريف سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير جيڪا بجيٽ پيش ڪئي آهي لڳي ٿو ڪنهن ٻي ملڪ جي بجيٽ آهي، ناڻي وارو وزير ڪنهن ٻئي ملڪ جي معيشت جي ڳالهه ڪري رهيو هو، جتي غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري هجي اتي وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير جي معاشي ترقي واري ڳالهه ۾ وزن ناهي هوندو، اهي ڳالهيون عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهن، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اسان کي گڏجي هن بجيٽ، نالائق ۽ نااهل حڪومت جو مقابلو ڪرڻو آهي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته سياسي جماعتن جا اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر اسان کي عوام دشمن بجيٽ تي آواز اٿارڻو آهي، بلاول ڀٽو چيو ته واعدي جي مطابق پنهنجا سمورا اسيمبلي ميمبر بجيٽ جو رستو روڪڻ جي لاءِ اپوزيشن ليڊر کي ڏئي ڇڏيا آهن، هن حڪومت جي خلاف شهباز شريف جي جيئن مرضي اسان جي ميمبرن جي ووٽ کي استعمال ڪري، پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته ميڊيا کي هميشه ڪمزور ۽ عام ماڻهو جو آواز  بڻجڻ گهرجي، سرڪاري ملازمن سان ٽن سالن کان ناانصافي ٿي رهي آهي، وزيراعظم ۽ ناڻي وارو وزير عوام کي ٻڌائي رهيا آهن ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، عوام ڄاڻي ٿو ته ملڪ جون معاشي حالتون ڪهڙيون آهن، سرڪاري ملازمن سان ٿيل ناانصافي سڀني جي آڏو آهي، بلاول ڀٽو چيو ته گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار ماهوار مقرر ڪئي وڃي، ڪورونا وبا جي دوران پگهارن ۾ 30 سيڪڙو واڌ ٿيڻ گهرجي ها، تاريخي سطح تي مهانگائي جي دوران هن سال رڳو 10 سيڪڙو پگهارن ۾ واڌ ڪئي وئي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت اهو چيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار رپيا مقرر ڪئي وڃي، اسان حڪومت ۾ ايندي ئي پگهارن ۾ واڌ ڪئي هئي، وزيراعظم پگهارن ۾ ان لاءِ واڌ نه پيو ڪري ڇو ته هو ڪوڙو آهي، جيڪڏهن ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ پيپلزپارٽي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 120 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي هئي، پيپلزپارٽي پنهنجي دور ۾ پينشن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو هو. ان موقعي تي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته ان ڳالهه جي تصديق ٿو ڪريان ته سڀني اپوزيشن جماعتن طئي ڪيو آهي ته پارليامينٽ ۾ گڏجي حڪومت کي ٽف ٽائم ڏينداسين، حڪومت جي ناڪامين کي منظر تي آڻينداسين، انهن غلط انگ اکر ڏنا، جن جون حقيقتون سامهون آڻينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو