اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايندڙ مالي سال لاءِ مجموعي ترقياتي بجيٽ ۾ هلندڙ سال جي ڀيٽ ۾ 5 لک 35 هزار ملين رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جاري ڪيل انگ اکرن موجب ملڪ جي ترقياتي بجيٽ لاءِ 2135000 ملين رپيا ۽ هلندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ لاءِ 1600000 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته قومي ترقياتي بجيٽ ۾ ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي ترقياتي بجيٽ جو حصو 900000 ملين رپيا رکيو ويو آهي، صوبن جي ترقياتي بجيٽ تحت 1235000 ملين رپيا رکيا ويا، قومي ترقياتي بجيٽ تحت 16 لک ملين رپيا رکيل آهن، اهڙي طرح وفاق جي ترقياتي بجيٽ جو حصو 650000 ملين رپيا ۽ صوبن جي ترقياتي بجيٽ ۾ 950000 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن. هوڏانهن وفاقي حڪومت جي گذريل سال جي سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرامن جي 1527 ارب جي ڀيٽ 22 – 2021ع ۾ 2102 ملين رپيا رکيا ويا آهن جيڪي 36.4 سيڪڙو وڌيڪ آهن، منصوبابندي ڪميشن پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب وفاقي ترقياتي منصوبن جي لاءِ 900 ارب رپيا، صوبن جي لاءِ رکيل 1202 ارب رپين مان سنڌ لاءِ 321، پنجاب لاءِ 500 ارب، بلوچستان جي لاءِ 133 ارب ۽ خيبرپختونخواهه لاءِ248 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته 21 – 2020ع ۾ وفاقي ترقياتي پروگرام 661 ارب رپيا هو، صوبن لاءِ 867 ارب رپيا رکيا ويا هئا، جنهن مان پنجاب لاءِ 310 ارب، سنڌ لاءِ 194 ارب، بلوچستان 89 ارب ۽ خيبرپختونخواهه لاءِ 274 ارب رپيا رکيا ويا هئا.
