179

معيشت جي بحالي سبب اڳ ۾ رليف نه ڏئي سگهياسين، بجيٽ ۾ سڀ خوش ٿيندا: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معيشت جي بحالي سبب اڳ ۾ رليف نه ڏئي سگهياسين، بجيٽ ۾ سڀ خوش ٿيندا، وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ کانپوءِ بجيٽ سيشن ۾ شرڪت جي لاءِ پارليامينٽ هائوس پهتو، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اقتدار ۾ آياسين ته معيشت جي بدترين صورتحال هئي، اسيمبلي ميمبرن جي مسئلن جو به مونکي احساس آهي، معيشت بحال ٿي چڪي آهي، هاڻي ترقي طرف وڃون پيا، بجيٽ سان ترقياتي ڪمن جي رفتار تيز ٿي ويندي، وزيراعظم چيو ته بجيٽ ۾ ڪمزور طبقي کي رليف ڏينداسين، اسان جي ترجيح هاري آهن، ملڪي مستقبل زراعت سان لاڳاپيل آهي، 12 ايڪڙ زمين رکندڙ هارين کي بنا وياج قرض ڏينداسين،  اسان جي ترجيح هيٺيون طبقو آهي، کين رليف ڏينداسين. هوڏانهن اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن بجيٽ پڙهي پنهنجون تجويزون ڏي، 10، 15 ڏينهن بحث هلندو، گوڙ ته ڪير به ڪري سگهي ٿو، ڊگهي عرصي کانپوءِ پاڪستان معاشي استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي، جڏهن ته وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ج چوڻ هو ته اپوزيشن گڏ ناهي، پاڻ ۾ پريشان آهن، بجيٽ  ۾ سرڪاري ملازمن جو ڪيس وڙهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو