185

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز جي برطرفي خلاف اپيل تي ٻڌڻي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس عمر عطا بنديال شوڪت عزيز صديقي ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا آهن ته تقرير جو ٿيڻ، ان جو متن، ان جون حقيقتون سڀني کي خبر آهن، توهان تقرير ۾ پنهنجو بغض ڪڍيو، نئين روش شروع ٿي آهي ته سڀ ڪجهه پبلڪ ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن هڪ جج غلط ڪري ٿو ته سڄي عدليا جو ٽرائل شروع ٿي ويندو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته توهان ماڻهن جي باري ۾ شڪايتون ڪرڻ لاءِ پبلڪ فورم چونڊيو، اسان کي ملڪي ادارن جو دفاع ڪرڻو آهي، ادارن جو تحفظ اسان نه ڪنداسين ته ڪير ڪندو، هن چيو اداري تي حملي جي صورت ۾ شڪايت لاءِ اندروني طريقي ڪار موجود هو، جيڪڏهن مداخلت جي ڳالهه آهي ته عدليا جي آزادي جا ٻيا به ڪيترائي پهلو آهي، جيڪڏهن هڪ جج غلط ڪري ٿو ته سڄي عدليا جو ٽرائل شروع ٿي ويندو آهي، شوڪت عزيز خاموشي سان انٽيليجنس ادارن جي اهلڪارن سان ملندو رهيو، بئنچ لاءِ چيف جسٽس کي خط لکي سگهي ٿو ته ان معاملي تي ڇو نه لکيو؟ وڪيل حامد خان دليلن ۾ چيو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل شوڪاز جوابن جي بنياد تي جج کي برطرف ڪيو، شوڪت عزيز صديقي عدليا جي بدنامي نه نظام جي بهتري چاهي ٿو، چيف جسٽس سان ملاقات لاءِ شوڪت صديقي 4 ڀيرا اپوائنٽمينٽ ورتي، قبول نه ڪئي وئي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڇا اها تقرير جج جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي هئي يا نه؟ اهو به ٻڌائي ڇڏيو ته ڪائونسل کي وڌيڪ انڪوائري جي ضرورت هئي يا نه؟ ان موقعي تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو