192

جهانگير ترين جي شگر ملز جي آڊٽ خلاف درخواست رد

لاهور(ويب ڊيسڪ) عدالت جهانگير ترين جي شگر ملز جي آڊٽ خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ جهانگير ترين لاهور هاءِ ڪورٽ  ۾ شگر ملز جي آڊٽ خلاف درخواست داخل ڪرائي، درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محمد راحيل ڪامران شيخ ڪئي، درخواست ۾ايف بي آر سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو ۽ موقف اختيار ڪيو ويو ته جي ڊي ڊبليو شگر ملز جو شمار پاڪستان جي وڏي ٽئنڪ ڏيندڙن ۾ ٿيندو آهي، آڊٽ ڪمشنر 21 مئي تي جي ڊبيو شگر ملز جو 2015ع جي آڊٽ ڪرڻ جو نوٽيس موڪليو آهي ۽ نوٽيس جي ذريعي انڪم ٽئڪس بابت 2015ع جي آڊٽ جو رڪارڊ ۽ دستاويز گهرايا ويا آهن، درخواستگذار جو چوڻ هو ته 5سالن جو عرصو گذرڻ بعد ڪنهن به اداري جي آڊٽ ڪرڻ جو مجاز ناهي، آڊٽ نوٽيس غيرقانوني ۽ بدنيتي تي مشتمل، عدالت عدالت شگر مل کي اماڻيل نوٽيس ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ٻئي طرف جهانگير ترين ۽ علي ترين ڪيسن ۾ شامل ايف آءِ اي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو آهي ته هن مرحلي تي گرفتاري جي ضرورت نه آهي. جهانگير ترين ۽ علي ترين عبوري ضمانت مڪمل ٿيڻ تي سيشن ۽ بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا. سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر چيو ته اسان رڪارڊ جو جائزو وٺي رهيا آهيون، هن مرحلي تي ڪنهن جي گرفتاري جي ضرورت ناهي ، تنهنڪري ملزم کي گرفتار ڪرڻ جي ضرورت ناهي. بينڪنگ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جهانگير ترين جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اڪائونٽ ۾ پيسا ڪٿان ۽ ڪيئن آيا، سمورا تفصيل موجود آهن، شيئر هولڊرز جي اجازت سان ڪمپني ڪم ڪندي آهي، هي ڪيس ايف آءِ اي جو ناهي، انهي جو تعلق ايس اي سي پي سان آهي. ان موقعي تي ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر چيو ته اسان بنيادي حقن تي يقين رکون ٿا ، هن ڪيس ۾ جهانگير ترين ۽ علي ترين کي گرفتار ڪرڻ جي ضرورت ناهي ، جيڪڏهن ڪا ڪارروائي ڪرڻي آهي ته اسان کي اطلاع ڪنداسين. ٻڌڻي دوران جهانگير ترين جي وڪيل چيو ته اسان ضمانت واري درخواست واپس وٺڻ چاهيون ٿا جنهن کانپوءِ جهانگير ۽ علي ترين جي بينڪنگ ڪورٽ ڪيس ۾ وڪيل ضمانت واري درخواست واپس وٺي ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو