پيرس (ويب ڊيسڪ) فرانسيسي صدر ايمانوئيل ميڪرون کي منهن تي زوردار ٿڦڙ هڻندڙ نوجوان کي 4 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، فرانسيسي ادري موجب عدالت صدر کي ٿڦڙ هڻڻ ۾ ملوث 28 سالن جي نوجوان ڊامين تاريل کي 4 مهينا قيد ۽ 14 مهينن جي معطل قيد جي سزا ٻڌائي آهي، عدالت جوابدار کي سرڪاري ملازمت مان برطرف ڪندي ڪنهن به سرڪاري عهدي لاءِ تاحيات نااهل قرار ڏنو ۽ 5 سال تائين هٿيار رکڻ تي پابندي هوندي.
103