ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ ڪارروائي ڪندي ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪري ورتو، سي ٽي ڊي ترجمان موجب جوابدار صغير احمد صديقي 2009 کان 2016 تائين يونٽ انچارج رهيو ۽ پوليس موبائلن تي حملن ۾ ملوث هو. ترجمان ٻڌايو ته جوابدار لانڍي 6 نمبر ۾ ساٿين سان گڏجي پوليس موبائل تي حملو ڪيو، حملي ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا هئا، جوابدار 2014 ۾ به لانڍي ۾ پوليس موبائل تي حملو ڪيو هو، جنهن ۾ 4 آفيسر ۽ اهلڪار شهيد ۽ زخمي ٿيا هئا. سي ٽي ڊي موجب جوابدار پوليس موبائلن تي حملا رئيس ماما جي هدايتن تي ڪيا هئا.
104