لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته 8.5 کرب جي مجموعي وفاقي بجيٽ مان ٽي هزار 60 ارب رپيا وياج ۽ قرض جي ادائيگي ۾ هليا ويندا، پي ايس ڊي پي جي لاءِ رکيل فنڊ به قرضن جي ادائيگي جي لاءِ مختص ڪيل رقم کان تقريبا 35 فيصد گهٽ آهي اها ستم ظريفي نه ته ٻيو ڇا آهي، هن چيو ته ٻاهرين قرضن جي جبلن قوم جي چيلهه کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، معيشت جي بهتري جي لاءِ خود انحصاري جي طرف وڌڻو پوندو، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 فيصد اضافو ٿيڻ گهرجي ها، موجوده مهانگائي جي دور ۾ ملازمن جي لاءِ گهر کي هلائڻ شينهن جي پڃري ۾ وڃڻ جي برابر آهي، اسان جو مطالبو آهي ته مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 30 هزار رپيا مقرر ڪئي وڃي، وفاق جي طرفان زراعت جي لاءِ صرف 112 ارب رپيا مقرر ڪيا ويا آهن، هن چيو ته ايگريڪلچرل سيڪٽر ۾ جديد ريسرچ نون ٻجن جي تياري ۽ انفرا اسٽريڪچر جي بهتري جي لاءِ ان کان ڪيترئي وڌيڪ رقم جي گهرج هئي، هن چيو ته صوبن جي لاءِ پي ايس ڊي پي مان 1234 ارب رپيا اٺ جي منهن ۾ زيري وجهڻ جي برابر آهي، پي آءِ اي، ريلوي ۽ ٻين وفاقي ادارن جي بهتري جي لاءِ ڪوبه پروگرام يا منصوبو نه ڏنو ويو آهي، حڪومت قومي ادارن کي ڀڳڙن جي مٺ ۾ وڪڻڻ چاهي ٿي، بجٽ جي تقرير ۾ ڪٿي به ائين نه لڳو ته معيشت بهتري جي طرف ويندي، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خاتمي جي لاءِ ڪوبه واضح پروگرام نه رکيو ويو آهي، مهانگائي آسمانن ۽ قوت خريد زمين تي آهي.
178