اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بجيٽ 22-2021ع کان واضح ٿي ويو ته اسان معيشت کي مستحڪم ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي اسان اقتصادي گروٿ طرف گامزن آهيون. گذريل ڏينهن بجيٽ 22-2021ع جي حوالي سان پارليامينٽ جي راهداريءَ ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته ان بجيٽ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان معيشت کي مستحڪم ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ اسان گروٿ طرف گامزن آهيون. ان بجيٽ ۾ رعايتون ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته وچولي طبقي جو پڻ خاص رکيو ويو آهي، غريب طبقي لاءِ ڪيتريون ئي نيون اسڪيمون آنديون ويون آهن. ماڻهن کي پنهنجي گهر جو مالڪ بڻائڻ جي پاليسي جوڙي وئي آهي ۽ رقم رکي وئي آهي. ان بجيٽ ۾ هارين لاءِ ڪيتريون ئي رعايتون آهن جن ۾ بنا وياج جي قرضن جي فراهمي پڻ شامل آهي ته جيئن زراعت جو شعبو وڌيڪ ترقي ڪري. پرڏيهي وزير چيو ته هائوسنگ جي شعبي ۾ خصوصي توجهه ڏني وئي آهي ۽ ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ”ايڪسپورٽ ليڊ گروٿ بجيٽ“ هجي، جڏهن ته ملازمن جي پگهارن ۽ پينشنز ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ان بجيٽ ۾ اوهان ڏسندؤ ته اسان اقتصادي حوالي سان گروٿ طرف روان دوان آهيون.
