اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جهانگير ترين گروپ بجيٽ منظوري ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ جهانگير ترين سان هم خيال گروپ جي ميمبرن ۽ وزيرن ملاقات ڪئي، ان دوران وفاقي بجيٽ بابت حڪمت عملي تي مشاورت بعد حڪومت جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ٿيو. جڏهن ته سياسي صورتحال ۽ اڳتي جي حڪمت عملي تي پڻ مشاورت ڪئي وئي. ملاقات ڪندڙن ۾ صوبائي وزير نعمان لنگڙيال، اجمل چيمه، اڳوڻو وزير زوار وڙائچ، ايم پي اي لالا طاهر رنڌاوا، ايم پي اي خرم لغاري ۽ ٻين شامل هئا.
196