خزاني ۽ ٽئڪس واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته حڪومت غريب ۽ پگهاردار طبقي تي بار نه وڌائيندي، برآمدات ۽ پيداوار ۾ واڌ لاءِ جامع منصوبابندي سان اڳتي وڌنداسين، حڪومت ڪووڊ 19 جي حوالي سان دانشمنداڻيون پاليسيون اختيار ڪيون ۽ ڪورونا وائرس جي اثرن کي گهٽايو يا ختم ڪيو، ميگا اقتصادي پئڪيج تحت خاص مراعتن سان وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 9 سيڪڙو ۽ زراعت ۾ 2.77 سيڪڙو جي واڌ ٿي، ڪڻڪ، چانور، مڪئي ۽ ڪمند جي بمپر پيداوار حاصل ٿي، مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ ناڻي جي ترسيلات جي مد ۾ 26 ارب ڊالر حاصل ٿيا آهن ۽ سال جي خاتمي تي اهي 29 ارب ڊالر ٿي ويندا، ناڻي جي ترسيلات ۾ واڌ وزيراعظم عمران خان مٿان پرڏيهي ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستانين جي اعتماد جو مظهر آهي، ايندڙ مالي سال لاءِ ٽئڪسن جو هدف 5800 ارب رپيا رکيو پيو وڃي، گردشي قرضن جي سلسليوار خاتمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، خميس واري ڏينهن قومي اقتصادي سروي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر ثانيا نشتر ۽ روينيو بابت خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي خزاني واري وزير چيو ته موجوده مالي سال جي جڏهن شروعات ٿي ته ڪووڊ 19 جي وبا جي لهر پکڙيل هئي، حڪومت ڪووڊ 19 جي حوالي سان دانش واريون پاليسيون اختيار ڪيون ۽ ڪورونا وائرس جي اثرن کي گهٽ يا ختم ڪيو ويو، سمارٽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان فيصلو عقل وارو ثابت ٿيو، حڪومت مالياتي ۽ زرعي بنيادن تي به فيصلا ڪيا، وزيراعظم پنهنجي ڪوششن سان هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي لاءِ خاص مراعتي پئڪيج ڏنو ۽ ان ڏس ۾ عالمي مالياتي فنڊ کان خاص مراعتون حاصل ڪيون ويون، شهرين کي ويڪسين جي فراهمي جو عمل شروع ڪيو ويو، اين سي او سي قائم ڪرڻ وڏو قدم هو، جنهن جي موثر نگراني ۾ ڪووڊ 19 جي لهرن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي، خزاني واري وزير چيو ته ڪووڊ 19 جي پهرين لهر ۽ لاڪ ڊائون سان ڪم ڪندڙ 5 ڪروڙ 60 لک ماڻهو 3 ڪروڙ 50 لک واري سطح تي اچي ويا يعني 2 ڪروڙ ماڻهو جن مان اڪثر ڏهاڙيدار ۽ ذاتي روزگار واري آبادي شامل ٿي، بيروزگار ٿي ۽ کين ڪو به ڪم نه ملي رهيو هو، وزيراعظم عمران خان ان ڏس ۾ دانشمنداڻيون پاليسيون اختيار ڪيون ۽ انهن پاليسين جي نتيجي ۾ گذريل سال آڪٽوبر ۾ ٻيهر روزگار ڪندڙ فردن جو تعداد وڌي 5 ڪروڙ 30 لک ٿي ويو آهي، معيشت بحال ۽ اڳتي وڌڻ طرف هلي پئي آهي، خزاني واري وزير چيو ته سال جي شروعات ۾ واڌ جو اندازو 2.8 سيڪڙو لڳايو ويو هو، آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ ان کان گهٽ واڌ جا اندازا لڳائي رهيا هئا پر حڪومت انساني زندگين جو تحفظ ۽ ڪاروبار جي حوالي سان جيڪي فيصلا ڪيا، ان سان انتهائي بهتر نتيجا سامهون آيا، حڪومت ميگا اقتصادي پئڪيج تحت مينوفيڪچرنگ، ٽيڪسٽائل، اڏاوتي شعبي ۽ زراعت لاءِ خاص مراعتن جو اعلان ڪيو، انهن قدمن سان وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 9 سيڪڙو ۽ زراعت ۾ 2.77 سيڪڙو واڌ ٿي، ڪاٽن جو فصل خراب ٿيڻ سان اسان کي زرعي پيداوار ۾ کوٽ جو خدشو هو، پر ڪڻڪ، چانورن، مڪئي ۽ ڪمند جا بمپر فصل لٿا، ناڻي جي ذخيرن ۾ نمايان بهتري آئي آهي، مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ ناڻي ذخيرن جي مد ۾ 26 ارب ڊالر حاصل ٿيا آهن ۽ سال جي خاتمي تي اهي 29 ارب ڊالر ٿي ويندا، ناڻي جي ذخيرن ۾ اها واڌ وزيراعظم عمران خان مٿان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو اعتماد آهي، موجوده حالتن ۾ ناڻي جي ذخيرن ۾ اهو اضافو اسان لاءِ رحمت کان گهٽ نه آهي، هن چيو ته پاڪستان جي برآمدات ۾ واڌ ٿي رهي آهي، هلندڙ حسابن جا کاتا ڪيترائي مهينا اڳتي واري رفتار سان هلي رهيا آهن، روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ هڪ ارب ڊالر آيا آهن ۽ ان ۾ واڌ ٿي رهي آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا جيڪي 2018ع ۾ 8 ارب ڊالرن جي سطح تي هئا، هاڻي 16 ارب ڊالرن کان وڌي ويا آهن، فيٽف ۾ اسان جي ڪارڪردگي سٺي رهي آهي ۽ ان حوالي سان اميد آهي ته پاڪستان جي حوالي سان جائزي ۾ اسان کي رليف ملي ويندو، فيٽف ڪاميٽي جيڪا فيڊ بيڪ ڏني آهي، اها حوصلي واري آهي، خزاني واري وزير چيو ته ايمازون پاڪستان کي سيلر لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي، ايف بي آر 11 مهينن ۾ 4.2 ٽريلين رپين جا ٽئڪس گڏ ڪيا آهن، ايف بي آر جي ٽئڪسن ۾ واڌ جي شرح 18 سيڪڙو جي ويجهو رهي، مارچ کان وٺي هن وقت تائين ايف بي آر جي وصولين جي شرح 50 ۽ 60 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي، هلندڙ مالي سال لاءِ روينيو جو هدف 4.7 ٽريلين رپيا هو، جيڪو حاصل ڪيو ويندو.ايندڙ مالي سال لاءِ ٽئڪسن جو هدف 5800 ارب رکيو پيو وڃي، هن چيو ته پرائمري بئلينس کي سرپلس ڪيو ويو آهي، گذريل 12 سالن ۾ پهريون ڀيرو اسان جو پرائمري بئلينس سرپلس ٿيو آهي، خزاني واري وزير چيو ته اها هڪ حقيقت آهي ته عالمي منڊين ۾ تيل، کنڊ، کاڄرو تيل ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي، پاڪستان هاڻ خوراڪ جون وڌيڪ شيون ٻاهران گهرائي رهيو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته کاڌي پيتي جون شيون گهرائڻ گهٽتائي ۽ موڪلڻ ۾ واڌ ڪئي وڃي، عالمي منڊين ۾ قيمتن ۾ واڌ سان اسان به بچي نٿا سگهون، پر اسان جي ڪوشش آهي ته عام ماڻهو تي ان جا اثر گهٽ کان گهٽ پون، هلندڙ مالي سال ۾ عالمي منڊيءَ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 58 سيڪڙو واڌ ٿي، حڪومت 19 کان 12 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي ۽ 38 سيڪڙو بار پاڻ برداشت ڪيو، پام آئل جي عالمي قيمت ۾ 119 سيڪڙو واڌ ٿي، پاڪستان ۾ 22 سيڪڙو واڌ صارفين کي منتقل ٿي، جڏهن ته باقي بار حڪومت برداشت ڪيو، اهڙي طرح سان خام تيل ۽ ٻين شين جي قيمتن جو گهڻو بار حڪومت پاڻ برداشت ڪيو ۽ عام ماڻهن يا صارفين تي قيمتن ۾ واڌ جي اثرن کي محفوظ رکيو ويو، خزاني واري وزير چيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح ۾ شامل آهي، ان مقصد لاءِ پيداوار ۾ واڌ سان گڏوگڏ انتظامي قدمن تي به ڌيان ڏنو پيو وڃي، رٽيل ۽ هولسيل جي وچ ۾ نفعي جي مارجن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ويئر هائوسز ۽ ڪولڊ اسٽوريج ٺاهيا پيا وڃن، پهريون ڀيرو گيهه، دالين، ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻين جي شين جا اسٽريٽجڪ ذخيرا قائم ڪيا پيا وڃن ته جئين مستقبل ۾ ڪنهن قسم جي ناجائز منافعي خوري نه ٿئي، خزاني واري وزير چيو ته پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ تي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ اسان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ايشيا جي پهرين ۽ دنيا جي چوٿين تيزي سان ترقي ڪندڙ اسٽاڪ مارڪيٽ بڻجي وئي آهي، قرضن جي صورتحال جو جائزو وٺندي، خزاني واري وزير ٻڌايو ته حڪومت جي شروعاتي ڏينهن ۾ اسان جو مالياتي خسارو انتهائي وڌي ويو هو، هلندڙ حسابن جي کاتن ۾ 20 ارب ڊالر جو خسارو هو، ان ڪري وياج جي شرح ۽ ايڪسچينج ريٽ وڌائڻو پيو، ان جي ڪري قرضن جي مد ۾ پهرئين سال واڌ ٿي پر هاڻ ان ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، هلندڙ سال جي مارچ جي آخر تائين مجموعي قرض 38 ٽريلين رپيا هو، جنهن ۾ 25 ٽريلين رپين جو قرض مقامي ۽ ساڍا 12 ٽريلين رپين جو پرڏيهي قرض شامل آهي، هلندڙ مالي سال ۾ قرضن ۾ صرف 1.7 ٽريلين واڌ ٿي آهي، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ گهٽ آهي، سال 2019ع ۾ قرضن ۾ 3.7 ٽريلين واڌ ٿي هئي ۽ هلندڙ سال گذريل سال جي مقابلي ۾ 700 ارب رپيا گهٽ آهن، جون 2020ع ۾ پرڏيهي قرض 13.7 ٽريلين رپيا جيڪو هاڻ 12.5 ٽريلين جي سطح تي آهي، پاڪستان عالمي بانڊ مارڪيٽ ۾ ڪاميابي سان قدم رکيا آهن ۽ 2.5 ارب ڊالرن جا بانڊ جاري ٿيا، پاڪستان جي صنعت ترقي ڪئي آهي، موبائل فون جو استعمال 182 ملين ٿي ويو آهي، برانڊڊ گراهڪن جو تعداد 100 ملين کان وڌي ويو آهي ۽ ان شعبي ۾ 48 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، هن چيو ته احساس سماجي تحفظ جو وڏو پروگرام آهي، عالمي بئنڪ احساس پروگرام کي دنيا جي سماجي تحفظ جو بهترين ۽ وڏو پروگرام قرار ڏنو آهي، جنهن سان 8 کان 9 هزار نوجوان فائدو وٺي رهيا آهن، 10 بلين ٽري سونامي پروگرام تي ڪاميابي سان عمل جاري آهي، خزاني واري وزير چيو ته موڊيز، فچ ۽ اسٽينڊرڊ اينڊ پورز جهڙن عالمي ادارن پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ڪئي آهي، پاڪستان جي استحڪام جو پروگرام بهتر ٿيو آهي، هاڻ اسان کي واڌ طرف هلڻو آهي، وزيراعظم کي به اسان ٻڌايو آهي ته 6 کان 7 سيڪڙو واڌ کانسواءِ اسان پنهنجي نوجوانن کي روزگار فراهم نٿا ڪري سگهون، جيڪي آبادي جو 60 سيڪڙو آهن، اسان کي ساليانا روزگار جا 20 لک موقعا فراهم ڪرڻا آهن، ان مقصد لاءِ حڪومت وقت بوقت قدم کڻندي، اسان کي غريب جو خيال رکڻو آهي، ڇو ته پهرئين ٽريڪل ڊائون جو خواب ڏيکاريو ويو هو، ٽريڪل ڊائون ان وقت ڪامياب ٿيندو آهي، جڏهن ته ترقي ۽ خواب پائيدار هجن. پاڪستان ۾ 60ع جي ڏهاڪي کانپوءِ اهڙو دورناهي آيو جڏهن واڌ ۾ تسلسل هجي، حڪومت بجيٽ ۾ ان تي ڌيان ڏئي رهي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته 40 لک کان 60 لک گهراڻن جي زندگين ۾ آسانيون آنديون وڃن، ان مقصد لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان جو طريقو هيٺ کان مٿي طرف ترقي تي ٻڌل هوندو، خزاني واري وزير چيو ته اها ڳالهه بهتر آهي ته وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ واڌ جي شرح 9 سيڪڙو آهي، پر ايس ايم ايز تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ ايس ايم ايز کي هڪ لک 80 هزار قرض ڏنا ويا آهن، جيڪي انتهائي گهٽ آهن. 75 سيڪڙو قرض ڪارپوريٽ سيڪٽر وٺي رهيو آهي ۽ ايس ايم ايز جي لاءِ قرضن جي شرح 6 سيڪڙو آهي، جنهن کي وڌايو ويندو، هن چيو ته برآمدات ۾ واڌ اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان لاءِ سمورا طريقا اختيار ڪيا ويندا، واپار واري وزارت جي تجويز تي مختلف شعبن لاءِ مراعتون ڏنيون وينديون حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي جي برآمدات جي واڌ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ان شعبي ۾ برآمدات ۾ واڌ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته غذائي خود ڪفالت ۽ برآمدات اسان جي پهرين ترجيح آهي، هائوسنگ جي شعبي ۾ وڏي جاءِ موجود آهي، جنهن مان ڀرپور طريقي سان فائدو ورتو ويندو، خزاني واري وزير چيو ته بجلي جي شعبي ۾ بهتري آندي پئي وڃي، بجلي هڪ وڏو بليڪ هول آهي اسان کي ڪيپيسٽي ادائگيون ڪرڻيون پئجي رهيون آهن، آءِ ايم ايف ٽيرف ۾ واڌ جو بار وڌو پر وزيراعظم انڪار ڪيو، اسان جي ڪوشش آهي ته گردشي قرضن ۾ گهٽتائي اچي، هن وقت ادائگين جي ڪري گردشي قرض اڌ رهجي ويو آهي، ڪوشش هوندي ته ان کي زيرو ڪيو وڃي، خزاني واري وزير چيو ته سي پيڪ جي حوالي سان بنيادي ڍانچو قائم ٿي ويو آهي، خاص اقتصادي زون ٺهي چڪا آهن، اسان کي انهن زونن ۾ سرمائيڪاري آڻڻي آهي، چين ساليانو 10 ملين ملازمتون آئوٽ سورس ڪري ٿو، ان ۾ پاڪستان لاءِ موقعا ملڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ۽ چين کان ان حوالي سان تعاون گهرنداسين، ايم ايل ون تي اڳڀرائي ٿيندي، حڪومت هڪ سرڪاري سماجي تحفظ جو نيٽ ورڪ ڏيڻ چاهي ٿي، احساس پروگرام پاڪستان ۾ سماجي تحفظ جو نيٽ ورڪ هوندو، سرڪاري ڪاروباري ادارن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته انهن ادارن تي گهڻو پئسو ضايع ٿي رهيو آهي، ماضي ۾ به حڪومتن انهن جي نجڪاري جا اعلان ڪيا پر عمل نه ٿيو، صرف ڪجهه بئنڪن جي نجڪاري ٿي، حڪومت نجڪاري ڪميشن ۾ ماهرن جو بورڊ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، شروع ۾ 15 ادارن کي ان جي حوالي ڪيو ويندو ۽ انهن کي نجڪاري جو هدف ڏنو ويندو، هن چيو ته مالياتي شعبي جي بهتري اسان جي ترجيح آهي، هن وقت جي ڊي پي جي لحاظ کان بئنڪنگ جو حصو 33 سيڪڙو آهي، جيڪو انتهائي گهٽ آهي، ان ۾ واڌ ڪئي ويندي، هن وقت 9 شهر 85 سيڪڙو قرض حاصل ڪري رهيا آهن، باقي ملڪ جو ڪهڙو ڏوهه آهي، علائقائي بئنڪون به قائم ڪيون پيون وڃن، آءِ ايم ايف مطابق سوال تي هن چيو ته آءِ ايم ايف سان اسان جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، پائيدار ترقي ۽ واڌ اسان جو گڏيل هدف آهي، پر طريقيڪار جو فرق آهي، آءِ ايم ايف وارا ٽيرف ۽ پرسنل انڪم ٽئڪس وڌائڻ چاهين ٿا، اسان جو موقف آهي ته اسان پنهنجي غريب آبادي لاءِ ٽيرف ۽ نه ئي پگهاردار طبقي تي پرسنل انڪم ٽئڪس وڌائڻ چاهيون ٿا، اسان جون ڳالهيون هلي رهيون آهن پر حڪومت لاءِ اها ريڊ لائن آهي ته غريب ۽ پگهاردار طبقي تي بار نه وڌائينداسين، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سيلف اسيسمينٽ جو طريقيڪار ٺاهيو پيو وڃي، ان تحت 3 کان وٺي 4 سيڪڙو جي آباديءَ جي آڊٽ ٿيندي ۽ ان سان ايف بي آر جي حراسمينٽ جو خاتمو ٿيندو، حڪومت ٽيڪنالاجي جي استعمال سان اهڙن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪندي جيڪي ٽئڪس ڏيڻ جي اهل آهن ته پر اهي ٽئڪس نٿا پيا، اهڙا ماڻهو ٽئڪس ڏيندڙن مٿان بار ۽ انهن کي جيلن ۾ وڌو ويندو.
207