ليکڪ: دانش نبي بخش شر
حضرت امام موسيٰ بن جعفر(ع) جي اولاد مان ٻه بزرگوار هستيون تمام گهڻو مشهور آهن، هڪ حضرت امام رضا عليه السلام، جنهن جي ذريعي امام ڪاظم (ع) کان پوءِ امامت جو سلسلو جاري رهيو ۽ ٻي پاڪ بي بي فاطمه عليها السلام، جيڪا لوڪ ۾ بي بي معصو مه قم (ع) جي نالي سان مشهور آهي. تاريخ ۾ ملي ٿو ته اهي ٻئي هستيون پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ ۽ هڪ ئي ماءُ، پيءُ مان هيون. سندن والده جو نالو بي بي نجمه خاتون هو. تاريخ جي اڪثر ڪتابن موجب، حضرت فاطمه معصومه قم(س)پهرين ذيقعد سال 173هجري ۾ مدينه منوره ۾ پيدا ٿي. ڏهن سالن جي ٿي ته سندس والد سڳورو، عباسي حاڪم هارون رشيد جي رٿا تحت زهر سان شهيد ڪيو ويو.ان بعد پنهنجي ڀاءُ امام رضا(ع) جي پالنا ۽ ڪفالت هيٺ رهڻ لڳي. وقت گذرندو رهيو، تان جو حڪومت جون واڳون مامون عباسي کي مليون، ان به سياست اختيار ڪندي حضرت امام رضا(ع) کي پنهنجي حڪومت جي گادي واري هنڌ (مرو) گهرائي ورتو.حڪومتي دٻاءَ ۽ اصرار تي حضرت امام رضا (ع) مدينو ڇڏي ”مرو“ جو ڏورانهون سفر اختيار ڪيو، جتي کيس اڻڄاڻايل مدي تائين رهڻو پيو. جيئن ته بي بي فاطمه معصومه قم(س) کي پنهنجي ڀاءُ سان انتهائي محبت هئي انڪري ان سان ملڻ سانگي هڪ مختصر قافلو جوڙي مرو جو سفر اختيار ڪيو، مشهور آهي ته ان سفر ۾ سندس ئي گهراڻي جون ڪي سيد زاديون، ڀائٽيا، ڀائر، ڀاڻيجا ۽ ڪجهھ قريش قبيلي جي ماڻهن کان علاوه ڪي گوليون به گڏ هيون، هي قافلو جڏهن ايران جي ساوه نالي شهر ۾ پهتو ته سندن رستي روڪ ڪئي وئي، نتيجي ۾ ويڙھه ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ سائنڻ معصومه (س)جي قافلي جا اڪثر مرد شهيد ٿي ويا، ان حادثي جي شدت سبب يا هڪ قول موجب زهر ملڻ جي ڪري سائنڻ سخت بيمار ٿي پئي، ايتريقدر جو وڌيڪ سفر ڪرڻ جي منجهس طاقت ئي نه رهي، جڏهن بي بي صاحبه (س) کي خبر پئي ته پاڻ قم شهر کي ويجها آهن ته ان وقت کيس پنهنجي والد امام ڪاظم (ع) جي اها ٻڌايل ڳالهھ ياد اچي وئي ته ”قم شهر ۾ اسان جي محبت جو مرڪز آهي“ انڪري چيائين ته ”مونکي قم شهر پهچايو! انڪري جو بابا سائين (موسيٰ ڪاظم)فرمائيندو هو ته اهو شهر اسان جي محبتن جو مرڪز آهي. انڪري قافلي جي بچيل فردن سميت ”مرو“ وڃڻ بدران قم هلي آئي ۽ ٽي ربيع الاول، سال201هجري ۾ سائنڻ جو قافلو قم شهر اچي پهتو، رسول پاڪ جي خاندان جي ان مانواري بي بي جي تشريف آوري جي خبر قم شهر جي رهاڪن کي نهايت ئي مسرت بخشي ۽ سائنڻ جي استقبال لاءِ ٻارين ٻچين نڪري پيا، موسيٰ خزرج اشعري جيڪو تنهن وقت قم شهر جو هڪ معتبر شخص ڄاتو ويندو هو تنهن اڳتي وڌي بي بي صاحبه جي سواري واري ڏاچيءَ جي مهار پڪڙي ۽ مهاري بڻجي قافلي کي قم شهر وٺي اچڻ لڳو، عورتن، ٻارن ۽ مردن جو وڏو هجوم قافلي جي پويان، پويان ٽپندو، ڪڏندو ۽ جهومندو ٿي آيو. سائنڻ جو اهو قافلو، موسيٰ خزرج جي درخواست تي وٽس ئي اچي لنگر انداز ٿيو. تقدير الاهي جو اتي سائنڻ سترهن ڏينهن کان مٿي رهي نه سگهي، جيترو به وقت موسيٰ خزرج جي گهر رهي، بيماري ۽ ڪمزوريءَ جي باوجود رات ڏينهن عبادت ۾ مصروف رهي ۽ عبادت واري حالت ۾ ئي سندس جسم اطهر مان روح جو پکي ملڪوت اعليٰ طرف اڏامي ويو. جنهن جاءِ تي ويهي سائنڻ عبادت ڪندي هئي اها جاءِ اڄ سوڌو ”بيت النور“ جي نالي سان، قم شهر جي ”ميدان مير“نالي علائقي ۾ هڪ عام زيارتگاھ آهي، جتي هر وقت ميڙ لڳو پيو هوندو آهي. هڪ تاريخي بيان موجب سائنڻ معصومه قم سلام الله عليها جي شهادت 10 ربيع الثاني 201هجري ۾ ٿي، ان وقت سندس عمر 28 سال هئي. وفات بعد کيس”باغ بابلان“ نالي هڪ قبرستان ۾ دفنايو ويو. دفنائڻ وقت ڪانڌين کي اها پريشاني ٿي پئي ته ان پاڪ بي بي جي مڙھ کي قبر ۾ ڪيئن لاهجي؟! انڪري جو ڪنهن شخص به پاڻ ۾ اهڙي عمل جي لياقت ۽ جواز نٿي پاتو. ان پريشاني جي عالم ۾ مبتلا ئي هئا ته اوچتو اولهھ طرف کان ٻه گهوڙي سوار ظاهر ٿيا، جڏهن جنازي جي ويجهو آيا ته گهوڙن تان لهي پيا، سندن چهرن تي نقاب ڍڪيل هئا اچڻ سان سائنڻ جي ميت مبارڪ تي جنازه نماز پڙهيائون ان بعد مڪمل مسنون ۽ آدابن مطابق جنازي کي ساميءَ ۾ لاٿائون ۽ پنهنجي هٿن سان دفنائي، بنا ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي گهوڙن تي چڙهي ساڳئي طرف روانا ٿي ويا ۽ گهڙي پل ۾ اکين کان اوجهل ٿي ويا.ڪنهن کي پتو ئي نه پيو ته اهي ڪير هئا!دفن بعد موسيٰ خزرج اشعري مزار جي مٿان رلين سان هڪ ڇانو ٺاهي.ان کان پوءِ حضرت امام جواد(ع) جي نياڻي نالي زينب (س) پنهنجي پڦي سڳوري جي مزار تي پهريون قبو جوڙايو. وضاحت جوڳي ڳالهھ آهي ته حضرت معصو مه (س) جي مقبري ۾ امام جواد(ع) جي نياڻي زينب (س) کانسواءِ امام عليه السلام جون ٻيون ٻه نياڻيون حميده ۽ ميمونه به دفن ٿيل آهن. امام جعفر صادق(ع) فرمائن ٿا ته ان بي بي جي شفاعت سان اسان جا محب جنت ۾ ويندا. حضرت امام رضا(ع) جن جو فرمان آهي ته جيڪو ان بي بيءَ جي زيارت ڪندو اهو جنت جو حقدار هوندو. اهڙي طرح حضرت امام جواد (ع) جو ارشاد آهي ته جيڪو به منهنجي پڦيءَ جي زيارت ڪندو اهو جنت ماڻيندو.