222

ورلڊ چائلڊ ليبر ڊي ۽ اسان جو بيحس معاشرو…!!

ليکڪ: عامر جوڻيجو

 اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ معصوم ٻارڙن کان پورهيو ڪرائڻ خلاف عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، هي ڏينهن عالمي ليبر آرگنائيزيشن گڏيل قومن جي اداري 2002ع ۾ ملهائڻ شروع ڪيو، هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مطلب  معصوم ٻارڙن کان پورهيو نه ڪرائڻ ۽ انهن کي وڌ کان وڌ تعليم جهڙي زيور سان نوازڻ آهي، پر ڏک ۽ افسوس جي ڳالهه اِها آهي ته سڄي سنڌ اندر معصوم ٻارڙن سان انتهائي افسوسناڪ ۽ دل ڏکوئيندڙ واقعا پيش اچن ٿا، معصوم ٻارڙا غربت سبب پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن، جيڪي گھر جو گذر سفر ڪري خاندان پالي رهيا آهن. اسان جي ملڪ ۾ بيروزگار، بدحالي عروج تي پهچڻ ڪري اڄ سنڌ جنهن دور مان گذري رهي آهي اها ڪنهن کان به ڳجھي نه آهي، غربت، بيروزگاري سبب لکين معصوم ٻارڙا هوٽلن، گيراجن، سلائي مرڪزن توڙي ٻين هنڌن تي جبري پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن، اڄ جن گلن جهڙن معصوم ٻارڙن کي هٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم هجڻ گهرجي، انهن جي هٿن ۾ صرف خوابن جون لڪيرون ئي آهن. ڇا اهو انهن معصوم ٻارڙن جو مقدر آهي، اڄ به سنڌ جا لکين معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن جيڪي پورهيو ڪري پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا، ۽ پنهنجي گھر جو ڀرجهلو بڻجن ٿا، پر انهن معصوم ٻارڙن جي سهولت لاءِ حڪومت پاران ڪي به جوڳا بندوبست نه ڪيا ويا آهن. ته جيئن معصوم ٻارڙا تعليم حاصل ڪري سگھن، ۽ سنڌ ۾ هزارن جي تعداد ۾ به اهڙا يتيم ٻارڙا آهن جيڪي پيءُ جي نه هوندي به پنهنجي گھر جو چرخو هلائڻ تي مجبور آهن ۽ کانئن تعليم به وسري وئي آهي ۽ سندن خواهشون به ختم ٿي ويون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن معصوم ٻارڙن سان ٿيندڙ  ظلم ڏسندي اکين منجھان لڙڪ به لڙي ايندا آهن ڇو ته ٻارڙن جا اُهي خواب هوندا آهن ته هوُ وڏا ٿي سٺا آفيسر، انجيئر، ڊاڪٽر يا ٻي ڪنهن وڏي پوسٽ تي ايندا پر انهن معصوم ٻارڙن جا اهي خواب ان وقت چڪنا چور ٿي وڃن ٿا جڏهن هي معاشرو انهن معصوم ٻارڙن سان ظلم ۽ زيادتيون ڪري ٿو! ۽ سماج جي بي حسيءَ ڪري معصوم ٻارڙا شهر جي روڊ ڪنارن تي پيل ماني جا سڪل ٽڪر کائي پنهنجي پيٽ جي باهه اجھائين ٿا، هن وقت سنڌ ۾ خوني جھيڙا هجڻ ڪري روزانو ڪيتريون ئي انساني جانيون گولين جو کاڄ بڻجي وڃن ٿيون. ۽ ڪيترائي معصوم ٻارڙا پڻ يتيم ٿيو وڃن ٿا ۽ سهارو به کسجي وڃي ٿو، جنهنڪري معصوم ٻارڙا تعليم کي ڇڏي، مختلف هوٽلن، دڪانن توڙي ٻين هنڌن تي پورهيو ڪري پنهنجي گھر جو گذر سفر ڪندا آهن، جيڪي ننڍي عمر ۾ گھر جا وڏا فرد بڻيل نظر ايندا آهن، جڏهن ته ان سان گڏ پورهيت ٻارڙن سان زيادتين وارا واقعا به عام ٿيندا پيا وڃن، جيڪي روزانو ميڊيا تي پڻ رپورٽ ٿين ٿا. اهڙو ئي مثال کجين واري ديس پيرڳوٺ لڳ هادل شاهه وٽ معصوم ٻارڙي مونيڪا لاڙڪ سان پيش آيو هو. جتي وحشي جوابدارن ڳڀي جي ڳولا لاءِ ويندڙ معصوم مونيڪا لاڙڪ کي اغوا ڪري ڪيلن جي باغ ۾ اجتمائي لڄالٽ جو نشانو بنايو هو، جيڪو ڪيس هاءِ پروفائيل بڻجي ويو هو، سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي هئي. جنهن ۾ پوليس 400 کان وڌيڪ ماڻهن جا ڊي اين اي سيمپل ورتا هئا ۽ ڄڻن جي ڊي اين اي جا سيپمل مئچ هجڻ جو چيو ويو هو. جنهن ۾ پوليس ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو هو. اهڙا ڪيترائي واقعا پيش ايندا رهن ٿا پر انهن جوابدارن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪاروائي نه ٿي ٿئي. پاڪستان کانسواءِ ٻين ملڪن ۾ ته معصوم ٻارڙن لاءِ الڳ فنڊ رکيا ويندا آهن، جيسيتائين اهو تعليم حاصل ڪري پنهنجي پيرن تي بيهندو تيسيتائين ان ملڪ جي حڪومت انهن کي هر خرچ ڏيندي آهي ۽ انهن کان ڪوبه ڪم نه ورتو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن ورتو به ويندو آهي ته انهن جي والدين کي سزا ڏني ويندي آهي، پر اسان وٽ ان جي ڀيٽ ۾ سڀ ڪجهھ ابتڙ ٿي رهيو آهي. حڪومت توڙي انساني ۽ ٻارڙن جي حقن لاءِ ٺاهيل تنظيمن معصوم ٻارڙن جي لاءِ بندوبست نه ڪيا آهن. نه ئي معصوم ٻارڙن سان ٿيندڙ زيادتين ۽ زبردستي پورهيو ڪرائڻ جو هن مهل تائين ڪنهن نوٽيس ورتو آهي، جنهنڪري معصوم ٻارڙن سان ظلم ۽ زيادتيون وڌي رهيون آهن، ۽ انهن وحشين کي ڪوبه چوڻ وارو ناهي، عالمي طور تي ورتل اهڙن ڪوششن جي باوجود افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ به سنڌ اندر معصوم ٻارن تي مختلف طريقن تحت ظلم جاري آهي. جڏهن ته عالمي سطح تي پاڪستان جي غريب ۽ مسڪين ٻارڙن جي کائڻ، پيئڻ ۽ صحت جي مَدَ ۾ ملندڙ رقم هڙپ ڪئي وڃي ٿي. جنهنڪري معصوم ٻارڙا تعليم پرائڻ بدران پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن. انڪري هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي معصوم ٻارڙن سان ٿيندڙ ظلمن جو نوٽيس وٺي کين تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي پڙهائي توڙي ٻين ضرورتن لاءِ ڪي جوڳا بندوبست ڪيا وڃن ته جيئن هوُ پنهنجي زندگي سٺي نموني گذاري سگھن ۽ پنهنجي تعليم پڻ حاصل ڪري سگهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو