231

خيرپور بار جون چونڊون ڪامياب ڪير ٿيندو۔۔۔؟؟؟

ليکڪ: ايڊووڪيٽ غضنفر سولنگي

 اڄ اتر  سنڌ  جي وڏي ۾ وڏي ضلعي خيرپور ميرس جي ضلعي هيڊڪواٽر ۾ اليڪشن جو ڏينهن آهي ، بار سياست ۾ اليڪش هر سال ته ٿيندي  رهي ٿي پر اڄ واري ٿيندڙ اليڪشن صرف ڇهن مهينن لاءِ هوندي  ڇو ته هر سال ڊسمبر ۾ اليڪشن جو اعلان  ڪري جنوري ۽ فيبروري تائين ڪرڻ لازمي هوندي آهي پر هن سال ڪجهھ ڪورونا جي ڪري ۽  وري ڪجهھ سنڌ بار جي نرمي ڪري اها  وقت ته نه ٿي سگهي،  وڏي هڻ هڻا کان پوءِ  وڃي خيرپور ضلعي جي بار سياست جي پراڻي دوست ۽ نئين اميدوار منظور لاڙڪ جي ڪوششن سان ئي هي اليڪشن ٿيڻ وڃي رهي آهي، سنڌ جي سرسبز ۽ کجين جي ديس وارو  هي ضلعو   خيرپور  جيڪو اٺن تعلقن تي مشتمل آهي هن ضلعي ۾ جتي  پيرن،  ميرن  ۽ سياسي اگواڻن جي اڪثريت رهي ٿي اتي ئي هنن ليڊرن جو اثر پڻ زندگي جي هر شعبي ۾ نظر اچي ٿو، وڪيلن جي بار پوليٽڪس ۾ پارٽين جو اثر هر روز وڌندو پيو وڃي هر سياسي تنظيم ڪنهن نه ڪنهن وڪيل سان ملي  ان کي ڪامياب ڪرائي پنهنجا سياسي ۽ انفرادي مقصد پورا ڪري ٿي، سالن کان ساڳيا ئي چهرا ساڳين ئي عهدن ته مڙهيا وڃن ٿا، ان جي ڪري ئي بار ۽ وڪيلن جا مسئلا اتي ئي رهجيو وڃن، ڪروڙن جي بجيٽ ۽ ٻيون مراعتون  ڪاري ڪوٽ جي ڪم نه اچي سگهيون آهن، ميڊيڪل الائونس ۽ آفيسن جا دلاسا ڏنا وڃن ٿا بار سياست جو سوڻ اهو نه هجڻ گهرجي  وڪيلن کي سياسي راند کان مٿانهون ٿي سوچڻ گهرجي پر پاڻ وٽ ته قصو ئي ٻيو آهي، سنڌ جي سياست جيان وڪيل ويچارا به ٻين جي سهارن ۽ آسرن تي رهندا پيا اچن  هن وقت به خيرپور ۾ هڪ پينل کي ڀرپور سياسي سپورٽ آهي، دراصل موجوده بار جي سياست ۾ تقريبن سڀ اميدوار هڪ ئي پارٽي جا آهن  شايد پهريون ڀيرو هوندو جو اهي ٻئي ڌريون آمهون سامهون ٿي بيٺيون آهن، وڏي زور جو مقابلو ڏسڻ ۾ ايندو سال جو وڏو ميلو اڄ لڳي رهيو آهي صدارتي اميدوار اصل ۾ ئي مدمقابل آهن جن جي زور تي ئي باقي اميدوار کٽندا، پاڻ جيڪڏهن بار پوليٽڪس جي ڪروڙين رپين جي خرچن جي ڳالهھ ڪيون ته وڪيلن تي خرچ ايندڙ پارٽي جي بهاني پئسا اجايا ئي وڃن ٿا، بار جي سياسي افق ۽ دوستن جي دلين ۾ زندھه اهي ئي رهندا جيڪي اصل ۾ وڪيلن جي زندگين ۾ نواڻ ۽ بهتري آڻين، اهو وڏو ڪامياب ڪيس هوندو جي ايئن اميدوار ڪن،  خيرپور ضلعي بار جيڪو چار تعلقن ته ٻڌل آهي، جنهن ۾ مشڪل سان ئي ٻه هزار وڪيل هوندا، جيڪي وڪيل دوست بار پوليٽڪس جي اليڪشن ۾ اميدوار آهن انهن جي واضع  ايجنڊا هجڻ گهرجي، ووٽ ڏيندڙ اڪثر وڪيل دوست اميدوارن جي ڪري دوست وڪيلن سان ذاتي دشمني تي نه لهي اچن، کٽڻ ھارائڻ زندگي جو ۽ اليڪشن جو حصو آهي، اڄ جي ضلعي بار چونڊن ۾ ڪامياب ٿي ايندڙ دوست وڪيلن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪي اهم ۽ جوڳا اپاءَ وٺن ۽ پنهنجي انفرادي فائدي کي ڇڏي وڪيلن جي بهتري لاءِ ڪم ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو