200

وفاقي بجيٽ، عوام کي وڌيڪ رليف ملڻ گهرجي…

ايڊيٽوريل

وفاقي حڪومت  نئين مالي سال 2021 ۽ 2022ع جو  84کرب 87 ارب رپين جو  وفاقي بجٽ پيش ڪري ڇڏيو آهي،  بجٽ ۾ ڪوبه نئون ٽئڪس نه لڳايو ويو آهي،  وفاقي سرڪاري ملازمن جي پگهار  ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ ريليف ڏيڻ ۽ پينشنرز جي پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ننڍيون گاڏيون، موبائيل فون سستا،  کاڄرو تيل، گيهه امپورٽيڊ ڪتاب، رسالا، زرعي اوزار  سستا ڪيا ويا آهن. بجٽ ۾ خساري جو هدف 6.3 سيڪڙو، معاشي ترقي جو هدف 4.8 سيڪڙو مقرر،  دفاعي خرچن جو ڪاٿو 1373 ارب روپيا لڳايو ويو آهي. کاڄرو تيل،  گيهه ۽ فولاد تان فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ختم ڪئي ويندي جنهن سان اهي پڻ سستا ٿيندا، نئين مالي سال ۾ عوام کي بجلي، گئس ۽ کاڌي پيتي جي شين تي 682 ارب رپين جي سبسڊي پڻ ڏني ويندي. گاڏين ۽ يو پي ايس ۾ استعمال ٿيندڙ بيٽريون مهانگيون ٿينديون. پر ننڍيون گاڏيون سستيون ٿينديون. وفاقي حڪومت شهرين لاءِ ”منهنجي گاڏي“ اسڪيم شروع ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي، ان اسڪيم هيٺ 850 سي سي تائين جي گاڏين لاءِ ڪسٽم ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي، زرعي اوزار  گهرائڻ تي پڻ ود هولڊنگ ٽئڪس جي ڇوٽ  ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. موبائل فون سروسز تي ود هولڊنگ ٽئڪس 8 سيڪڙو تائين گهٽايو ويندو. موبائل فون تي ود هولڊنگ ٽئڪس جي شرح 12.5 مان گهٽائي 10 سيڪڙو ڪئي وئي آهي پر  انٽرنيٽ ڊيٽا جي استعمال، ايس ايم ايس ۽ ٽن منٽن کان وڌيڪ جي موبائل فون ڪال تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائي وئي آهي، پرڏيهه مان ڪتاب ۽ رسالا گهرائڻ تي ود هولڊنگ ٽئڪس جي ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جنهن سان اهي سستا ٿي ويندا. نئين مالي سال جي وفاقي بجٽ ۾ 2022 ۾ نئين آدمشماري ڪرائڻ لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. اين ايف سي ايوارڊ هيٺ صوبن لاءِ 1166 ارب رپيا،  قرضن تي وياج ڀرڻ لاءِ 3060 ارب رپيا رکيا ويا آهن.  غيرترقياتي خرچن جو ڪاٿو 7523 ارب رپيا، ڪل ترقياتي خرچن جو ڪاٿو 964 ارب رپيا، وفاقي ترقياتي خرچن جو ڪاٿو 900 ارب رپيا، پينشن جو ڪاٿو 480 ارب رپيا، صوبائي گرانٽس جو ڪاٿو 1168 ارب رپيا، سبسڊيز جو ڪاٿو 682 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. اهڙي ريت بجٽ ۾ امن وامان لاءِ 178 ارب رپيا، ڪامياب پاڪستان پروگرام لاءِ 10 ارب رپيا، صحت لاءِ 28 ارب رپيا، ايڇ اي سي لاءِ 44 ارب رپيا، ماحولياتي تحفظ لاءِ 43 ڪروڙ رپيا، زرعي شعبي لاءِ 12 ارب رپيا،  ديامر ڀاشا ڊيم لاءِ 23 ارب رپيا، مهمند ڊيم لاءِ 6 ارب رپيا، نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ لاءِ 14 ارب رپيا، داسو هائيڊرو پاور رٿا لاءِ 8.5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. سنڌ جي 14 کان وڌيڪ ضلعن جي 107ترقياتي رٿائن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 444 ارب رپيا،  ڪراچي فارميشن پلان لاءِ 739 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وزيراعظم چيو آهي ته معيشت جي بحالي سبب اڳ ۾ رليف نه ڏئي سگهياسين، هن بجيٽ ۾ سڀ خوش ٿيندا، معيشت بحال ٿي چڪي آهي، ڪمزور طبقي کي رليف ڏينداسين، اسان جي ترجيح هاري آهي، 12 ايڪڙ زمين رکندڙ هارين کي بنا وياج جي قرض ڏينداسين، مخالف ڌر بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شوڪت ترين جيڪا بجيٽ پيش ڪئي آهي، اها لڳي ٿو ته ڪنهن ٻئي ملڪ جي آهي ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي معيشت جي ڳالهه ڪري رهيو هو، ملڪ ۾ غريب مري رهيو آهي، ان کي هڪ وقت جي ماني نٿي ملي ۽ هي چئي رهيا آهن، معيشت ترقي ڪئي آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ غربت ۽ بيروزگاري جو دور آهي، شهباز شريف ۽ پي ڊي ايم اڳواڻن چيو آهي ته حڪومت ڇا به چوي عوام کي رليف نٿو ملي سگهي، ڇو ته معيشت آزاد نه آهي، بدترين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. اسان سمجهون ٿا ته موجوده حڪومت انتهائي ڏکئي وقت ۾ بجيٽ پيش ڪئي آهي، ڪورونا ۽ معاشي مسئلن جي هوندي به حڪومت وفاقي ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ ڪرڻ سان گڏوگڏ ننڍيون گاڏيون، کاڄرو تيل، زرعي اوزار، ڪتاب ۽ فون سستا ڪيا آهن، جيڪي بهتر فيصلا آهن ۽ انهن سان عوام کي ڪجهه رليف ملندو ۽ موجوده حڪومت پنهنجي اڳوڻين ٻن بجيٽن جي ڀيٽ ۾ ٽئين بجيٽ ڪجهه بهتر پيش ڪئي آهي، پر اسان اها به اميد ڪريون ٿا ته عوام کي اڃا وڌيڪ رليف ڏنو ويندو، ڇو ته گذريل ٻن سالن ۾ هن تمام گهڻو ڀوڳيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو