ڪنري (ويب ڊيسڪ) ڪنري ويجھو ڪنجھيجي موري جي ڳوٺ غلام رسول آرائين ۾ ڪولھي ۽ آرائين براري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو،جنھن دوران ھڪ ڌر پاران فائرنگ ڪري ڏني، ڪھاڙيون ۽ خنجر لڳڻ سبب ڪولھي برادري جا چار ڄڻا شريمتي ڪيسري ڪولھي، ڀورو، ڀيرو ۽ ويرم ڪولھي سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو، اسپتال انتظاميا ٽن ڄڻن ڀيرو، ڀورو ۽ ويرم کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو، جتي نوجوان ڀيرو ڪولهي فوت ٿي ويو، جھيڙي بعد متاثر زخمين جي وارثن وشنو ڪولھي، اجنان، ڌارو، جيڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين بودرفارم روڊ کي بلاڪ ڪري ڌرڻو ھڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي زخمين کي مظاھرين الزام ھڻندي دانھيندي ٻڌايو ته سامھون ڌر جي نوجوان پاران اسان جي گھر ۾ گھڙي عورت سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي، جنھن جي مزاحمت ڪرڻ تي جھيڙو ٿي پيو ۽ سامھون ڌر وارن مڇرجي اسان تي حملو ڪري ڏنو، مظاھرين الزام ھنيو ته سامھون ڌر واران افتخار، محسن، حيدر، نديم، خالد سميت ٻين ماڻھن اسان جي گھرن تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، خنجر ۽ ڪھاڙين جا سڌا وار ڪري اسان کي سخت مارڪٽ جو نشانو بڻايو، ھوڏانھن مظاھرين پاران ھنيل ڌرڻو ختم ڪري پوليس کي جلد جوابدار گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جو الٽيمٽم ڏنو ويو، ڌرڻو ختم ٿيڻ بعد ڪولھي برادري جي مردن ۽ عورتن جو وڏو انگ ڪنري جي اسپتال ۾ موجود رھيو. پوليس پاران ڪولھي برادري جي اين سي داخل ڪئي وئي آھي.
134