178

ٿر ۾ آپگهات واقعن کي ٻنجو نه آيو، ننگر پارڪر تعلقي ۾ ٻن ڄڻن ڦاهو کائي ڇڏيو

ڏانو ڌانڌل (ويب ڊيسڪ)ننگرپارڪر تعلقي ۾ خودڪشين جي واقعن کي ٻنجو نه آيو، روز واقعا معمول بڻيل آهن،  ٻن   ڳوٺن  ۾ ٻه ڌار ڌار  مبينا طور خودڪشي جي واقعن ۾ ھڪ نينگر سميت اڌڙوٽ شخص خودڪشي ڪري پنھنجين زندگين جو انت آڻي ڇڏيو، ڳوٺ صابوسڻ ۾ 14 سالن جي نائين ڪلاس جي شاگرد ستيڏان ولد انچل سنگهھ ٺڪر موبائيل نه وٺي ڏيڻ تان گھر ڀرسان جھنگ ۾ ڄار جي وڻ ۾ ڦاھو ٻڌي پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو،  ھوڏانھن خودڪشي جي ٻئي واقعي ۾ ڳوٺ ڪوئاڙا ويجھو پربتي جي ڍاڻي ۾ اڌڙوٽ 40 سالا شخص پوريو ولد راڻو ڪولهي گھرو پريشانين کان تنگ اچي ڪنڊي جي وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري پنھنجي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو، ٻنھي جي خودڪشي جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو، پوليس ٻنھي جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال آندا،جتان کان قانوني ڪارروائي بعد ٻئي لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، پوليس جو چوڻ ھو ته نينگر موبائيل نه وٺي ڏيڻ تان ۽ ادڙوٽ شخص دماغي توازن درست نه ھئڻ ڪري خودڪشي ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو