208

وفاقي حڪومت سنڌ جو معاشي قتل ڪري رهي آهي:پ پ سنڌ صدر نثار کهڙو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ جو معاشي قتل ڪري رهي آهي، صوبائي وزيرن ناصر شاهه، سعيد غني، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو ته وفاق طرفان سنڌ کي پنهنجو حصو نه پيو ملي، وفاق طرفان سنڌ جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ جو حصو نه پيو ڏنو وڃي، ڪي فور منصوبي لاءِ وفاقي حڪومت پنهنجو حصو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، سندس چوڻ هو ته سنڌ کي مردم شماري ۾ گهٽ ڳڻيو ويو، سنڌ جو فيملي سائز 5 ۽ ٻين صوبن جو 7 رکيو ويو، سنڌ جي اختلافي نوٽ باوجود منظوري ڏني وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو