مورو/ نوان جتوئي (ويب ڊيسڪ) مورو شھر جي باءِ پاس ٽائون جا رهواسي 2 نوجوان راولا ڪوٽ ۾ وڻ گاڏي مٿان ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويا، جڏھن ته ھڪ ڄڻو زخمي ٿيو، فوتين ۾ مورو باءِ باس ٽائون جا رھواسي حمزہ ميمڻ ولد عبدالحميد ميمڻ، عاقب ميمڻ ولد ابراھيم عرف پيپي ميمڻ جڏھن ته ھڪ ڄڻو حسنين عباس سرھيو زخمي ٿي پيو آھي، ٽيڪسي ڪار جو ڊرائيور پڻ فوت ٿي ويو آھي جيڪو اتان جو رھواسي ٻڌايو وڃي پيو، ٻنھي نوجوانن جي فوت ٿيڻ جي اطلاع تي مورو شھر ۾ سوڳ ڇائنجي ويو ۽ سندن گھرن ۾ ڪهرام مچي ويو، سندن وارثن پاران تڏو وڇايو ويو آھي، سندن مڙھ آڻڻ لاءِ وارث ڪوششون ڪري رھيا آھن، جڏھن ته زخمي نوجوان ۽ 2 نوجوانن جا لاش مقامي اسپتال آندو ويو، جتي قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا، معلوم ٿيو آھي ته ٽئي نوجوان گرمي سبب ڪوھه مري گھمڻ لاءِ ويا ھئا ته سندن سان حادثو پيش آيو.
