218

سکر جي سائيٽ ايريا جا 2 نوجوان ميرواهه ۾ وهنجندي ٻڏي ويا

سکر (ويب ڊيسڪ) سائيٽ ايريا سکر جا نوجوان شفيق ۽ سراج شيخ گرمي سبب سکر بئراج جي ڪئنال مان نڪرندڙ مير واھ  ۾ وهنجندي ٻڏي ويا سکر بئراج جي انتظاميا پاران لاشن جي ڳولها لاءِ ٽوٻا نه ڏيڻ تي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪندي نيشنل هاءِ وي سکر کي بلاڪ ڪيو ويو جنهن سبب ٻنهي پاسي ٽريفڪ جام ٿي وئي وارثن جو چوڻ هو ته سکر جي سائيٽ ايريا سان تعلق رکندڙ شفيق شيخ ۽ سراج شيخ گرمي سبب مير واھ ۾ وهنجڻ لاءِ لٿا ته ٻڏي ويا آهن جنهن جو بروقت سکر بئراج تي پهچي اطلاع ڏيڻ باوجود انتظاميا اسان سان نوجوانن جا لاش ڳولهڻ ۾ سهڪار نه پئي ڪري جنهن ڪري نيشنل هاءِ وي بند ڪيو آهي جڏهن ته پرائيويٽ ٽوٻن جي اچڻ کان پوءِ ٻڏي ويل ٻن نوجوانن جي وارثن احتجاج ختم ڪري نوجوانن جي لاشن جي ڳولها شروع ڪري ڇڏي آخري اطلاعن تائين ٻڏي ويل نوجوانن جا لاش نه ملي سگهيا هئا

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو