ACCIDENT 150

ڪڍڻ ويجهو ڊرائيور کي ننڊ جو جهوٽو اچڻ تي شهزور ڪلٽي، عورت ۽ ٻارڙي فوت، 13 ڄڻا زخمي

ڪڍڻ (ويب ڊيسڪ) ڪڍڻ ڀرسان ڳوٺ فضل جت جا رھواسي ھڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ وڃي رھيا ھئا ته اچانڪ ڊرائيور کي ننڊ جو جھٽڪو اچي ويو، جنھن سبب شھزور سينگاري سم نالي ڀرسان وڪيل موري وٽ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن نتيجي ۾ جت برادري جا عورتون ٻارڙا ۽ مرد ۾ زخمي ٿي پيا، وارثن کين صحت مرڪز ڪڍڻ آندو، جتي رستي ۾ ئي ھڪ عورت 35 سالن آسيت زال عبدالستار جت ۽ ھڪ ٻارڙي 10 سالن جي حسينه ڌي سڄڻ جت فوت ٿي ويون، ٻين زخمين ۾ علي پٽ عبدالغني جت، 7 سالن جو سومر خان پٽ علي محمد جت، علي خان پٽ گل محمد جت، محبوب پٽ سڄڻ جت،، امير خان پٽ محمد رزاق آصف، ڊرائيور حسين پٽ عبدالغني،، اميد خان کي فرسٽ ايڊ ڏئي گھر روانو ڪيو ويو جڏھن ته پنجن ڄڻن راجا صابر، آمو ڌي دادو جت، علي جان جت ۽ سيمڪي جي حالت نازڪ ھئڻ سبب  کين انڊس اسپتال بدين ريفر ڪيو ويو آھي، فوتي عورت ۽ ٻارڙي جا لاش  ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، لاش اباڻي قبرستان دفين ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو