204

بحريه ۾ سازش تحت ڪيميڪل آڻي باهه ڏني وئي، وڳوڙين جي هٿن ۾ الطاف حسين جون تصويرون هيون، ڪارروائي ٿيندي: سنڌ حڪومت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  سنڌ حڪومت چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سنڌي مهاجر وڳوڙ ڪرائڻ گهري ٿي، بحريه ۾ سازش هيٺ باهه ڏني وئي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي. ان سلسلي ۾ ڇنڇر ڏينهن  اطلاعات واري وزير ناصر شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير  سعيد غني چيو ته  ايم ڪيو ايم سنڌي مهاجر وڳوڙ ڪرائڻ گهري ٿي، اسان سنڌين، مهاجرن ۽ سنڌ صوبي سان محبت ڪندڙن کي اپيل ڪريون ٿا ته ايم ڪيو ايم جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏين. هن وڌيڪ چيو ته  بحريا ٽائون ۾ جيڪو ٿيو  سو غلط ٿيو، ڪجهه تنظيمن احتجاج جو اعلان ڪيو  هو جيڪو انهن جو آئيني حق هو ۽ اسان ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه وڌي. پر سازش هيٺ شرپسند جيڪي  ڪيميڪل سان ليس هئا، انهن نه رڳو باهه ڏني پر ڦرلٽ به ڪئي، جنهن جي اسان سخت مذمت ڪيون ٿا، ان واقعي جي جانچ ڪئي پئي وڃي، ذميوارن خلاف دهشتگردي واري قانون هيٺ ڪارروائي ٿيندي ۽ بي ڏوهين کي ڇڏيو ويندو. هن چيو ته بحريا ٽائون واقعي کان پوءِ ايم ڪيو ايم وارن اتي وڃي تعصب پکيڙيو، 15 جون تي قوم پرستن احتجاج جو سڏ ڏنو آهي ته ايم ڪيو ايم به ان ئي ڏينهن تي احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. اهو عمل پڻ انهن جي اڳوڻي سربراهه الطاف واري سنڌي مهاجر ويڙهائڻ جي سياست جو ئي تسلسل آهي. جيئن ايم ڪيو ايم وارن جي اڳوڻي قائد مهاجرن کي سنڌين، پختونن ۽ ٻين قومن سان ويڙهائي سياست ڪئي تيئن ئي هاڻي هي به هڪ ڀيرو ٻيهر لساني جهيڙا ڪرائڻ چاهين ٿا، پر اسان سنڌين، مهاجرن ۽ سنڌ صوبي سان محبت ڪندڙن کي اپيل ڪريون ٿا ته ايم ڪيو ايم جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آدمشماريءَ  بابت پيپلز پارٽيءَ جو چٽو موقف آهي ته ان ۾سنڌ سان زيادتي ٿي آهي، اسين سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين تي ڪنهن به صورت ۾ ماٺ ڪري نه ويهنداسين. هن چيو ته سنڌ جي ووٽن تي وفاقي وزارتن جا مزا ماڻيندڙ سنڌ جي حقن لاءِ ماٺ آهن. سنڌ مان چونڊجي وفاق ۾ مزا ماڻيندڙن سودو ڪري ڇڏيو آهي پر اسين سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين تي ڪنهن به صورت ۾ ماٺ ڪري نه ويهنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو