اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت مني بجيٽ نه آڻڻ ۽ عام خريدارن لاءِ خريداري واري رسيد تي ڪروڙين روپين جا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪري ايندڙ مالي سال ۾ 500 ارب روپيا اضافي ٽئڪسن جو هدف مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته موبائل فون ڪالز، ايس ايم ايس ۽ انٽرنيٽ تي ٽئڪس لڳائڻ جي تجويز واپس وٺي چڏي آهي. ان سلسلي ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته موبائل فون ڪالز، ايس ايم ايس ۽ انٽرنيٽ تي ڪو به ٽيڪس نه پيو لڳايو وڃي، ان بابت تجويز تي وزيراعظم ۽ ڪابينا اتفاق نه ڪيو، ان ڪري اها تجويز واپس ورتي وئي آهي. ڇنڇر ڏينهن پوسٽ بجٽ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ٽن منٽن کان وڌيڪ موبائل فون ڪال، ايس ايم ايس ۽ انٽرنيٽ تي ٽيڪس جي تجويز ڪابينا وٽ رکي وئي هئي جڏهن ته وزيراعظم ۽ ڪابينا ان جي مخالفت ڪئي جنهن کان پوءِ اها تجويز واپس ورتي وئي آهي ۽ موبائل فون ڪالز ۽ انٽرنيٽ تي هاڻي ڪو به ٽيڪس نه لڳايو ويندو. ناڻي واري وزير واضح لفظن ۾ چيو ته ڪو به مني بجٽ نه ايندو. بجلي ۽ گئس جي بلن جي ذريعي نان فائلرز تائين پهچنداسين ۽ وڏن ريٽلرز کان به ٽئڪس اوڳاڙينداسين، وڏن ريٽلرز جي 1500 ارب روپين جي سيل آهي انهن کان ٽئڪس اوڳاڙينداسين، ڪو به ماڻهو جتان به ڪا شئي خريد ڪري ته ان کان رسيد ضرور وٺي، انهن رسيدن تي 25 ڪروڙ روپين جا انعام ڏنا ويندا. هن چيو ته حڪومت ٽئڪسن سميت مختلف شعبن لاءِ جيڪي هدف مقرر ڪيا آهن، اهي حقيقتن تي ٻڌل آهن ۽ سڀ هدف حاصل ڪيا ويندا. هن چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته پيٽروليم ليوي ۾ واڌ نه ٿئي، سعودي کان اوڌر تي تيل ۾ رعايت وٺنداسين. شوڪت ترين وڌيڪ چيو ته برآمد8 سيڪڙو مان وڌائي 20 سيڪڙو تائين ڪرڻ جو هدف آهي، برآمد وڌائي اسان کي ڊالر ڪمائڻا آهن. نئين مالي سال ۾ 500 ارب روپيان جا اضافي ٽئڪسن حاصل ڪنداسين. ڪنسٽرڪشن ايمنسٽي اسڪيم ۾ 6 مهينن جي واڌ ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هلن پيون. هن چيو ته شبر زيدي کي ڏاڍو سخت ٽارگيٽ ڏنو ويو هو ان ڪري فلاپ ئي ٿيڻو هو، شوڪت ترين چيو ته گهر ٺاهڻ لاءِ شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ گهٽ ڪمائي وارن ماڻهن کي بنا ڪنهن وياج جي قرض ڏنا ويندا. حڪومت شهري علائقن ۾ گهر ٺاهڻ لاءِ 20 لک روپيا ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ 6 کان 8 لک روپين تائين جا بنا ڪنهن وياج جي قرض ڏيندي. آبادگارن کي هر هڪ پوک لاءِ ڏيڍ لک روپيا قرض ملندو. اهڙي طرح شهري علائقن ۾ ڪاروبار لاءِ 5 لک تائين جو قرض ڏنو ويندو. شوڪت ترين چيو ته حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف جو اعلان ڪيو آهي پر اسان جي ڪوشش آهي ته ملازمن جو پگهارون ڪارڪردگي جي بنياد تي وڌايون، پگهارن ۽ پينشن جي نظام ۾ 3 کان 6 مهينن ۾ سڌارا آندا ويندا. ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ ڪنهن به حڪومت ان تي ڪو به ڪم نه ڪيو آهي، پگهار ۽ پينشن جو بار وڌي رهيو آهي. هن چيو ته بجلي جي شعبي جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ تي اسان جو ڌيان آهي. بجلي جي شعبي کي فعال ڪرڻ، ڊسڪوز ۾ بهتري ۽ لائن لاسز تي ضابطو آڻڻ لاءِ جامع قدم کنيا پيا وڃن. مهانگائي روڪڻ لاءِ جامع حڪمت عملي هيٺ اپاءِ ورتا پيا وڃن، جنهن جا بهتر نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. عالمي مارڪيٽ ۾ خوراڪ واري شين جي اگهن ۾ واڌ جي اثرن کان پاڪستان به بچيل نه آهي، حڪومت مهانگائي روڪڻ لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته زرعي پيداوار ۾ واڌ لاءِ آبادگارن کي فائدا ڏنا وڃن. مڊل مين جي ڪردار کي گهٽ ڪيو وڃي ۽ آبادگارن کي هول سيل مارڪيٽن تائين وڌ کان وڌ پهچ ڏني ڪئي وڃي. هن وقت اسان جو روانگي واپار جي ڊي پي جي شرح جي حساب سان 8 سيڪڙو آهي جيڪو تمام گهٽ آهي، روانگي واپار کي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي 20 سيڪڙو شرح تائين آڻڻ لاءِ قدم ضروري آهن. ناڻي واري وزير چيو ته عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ ٽريڪل ڊائون جو انتظار نه ڪنداسين. ٽريڪل ڊائون جو تصور ان وقت ڪامياب ٿيندو آهي جڏهن واڌ لاڳيتو ڪيترن ئي سالن تائين جٽادار بنيادن تي ٿيندي رهي. پاڪستان ۾ ايئن ڪڏهن به نه ٿيو آهي. حڪومت احساس پروگرام سان گڏوگڏ 40 لک گهراڻن جي آمدني وڌائڻ لاءِ رٿا شروع ڪري رهي آهي. ٻي پاسي هڪ ڏينهن اڳ پيش ٿيل وفاقي بجٽ جا وڌيڪ تفصيل آيا آهن جنهن موجب هڪ هزار سي سي کان مٿي واريون وڏيون گاڏيون مهانگيون ٿينديون. هڪ هزار کان 2100 سي سي تائين جي وڏين نين گاڏين تي 50 هزار روپين کان 2 لک روپين تائين جو ود هولڊنگ ٽئڪس لڳايو ويو آهي. ٻي پاسي ايف بي آر نئين مالي سال جي فنانس بل جي ذريعي وفاقي بجٽ ۾ اسمگل ٿيل شيون وڪڻندڙن تي ڏهون تي ڏنڊ وجهڻ ۽ 6 مهينا قيد جي سزا ڏيڻ لاءِ ڪسٽمز ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني آهي.
184