اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي ڏس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي اڳواڻن تي زور ڏنو آهي ته سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙن ۽ انتهاپسندي جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي، نفرت پکيڙيندڙ ويب سائيٽس جي خلاف عالمي سطح تي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ڪجهه عالمي اڳواڻ ۽ اولهه ملڪن جي قيادت ان معاملي کي نه سمجهي رهيا آهن، اظهار راءِ جي آزادي جي حد ايستائين آهي جيستائين ٻيو انسان ان کان مجروح نه ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لنڊن انٽاريو ۾ مسلمانن کي نشانو بڻائڻ ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي حوالي سان ڪينيڊين براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (سي بي سي) کي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو جيڪو آچر ڏينهن نشر ڪيو ويندو. واضح رهي ته لنڊن انٽاريو حملي ۾ ڪئناڊا ۾ رهندڙ پاڪستاني خاندان جا 4 ماڻهو مارجي ويا هئا جڏهن ته هڪ 9 سالا ڇوڪرو سخت زخمي ٿيو هو، جنوني حملي آور انهن تي ٽرڪ چاڙهي ڇڏي هئي. ڪئناڊا جي پوليس چيو هو ته پاڪستاني خاندان کي ان جي لاءِ نشانو بڻايو ويو ڇو ته اهي مسلمان هئا. اهو خاندان 2007ع ۾ پاڪستان کان ڪئناڊا منتقل ٿيو هو. وزيراعظم عمران خان ان واقعي جي ٽوئيٽر تي سخت مذمت ڪندي ان کي دهشتگردي قرار ڏنو ۽ اولهه ملڪن ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. سي بي سي کي انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ ان واقعي جو تمام گهڻو گهرو اثر پيو آهي جنهن ۾ هڪ پاڪستاني خاندان کي نشانو بڻايو ويو. وزيراعظم چيو ته اولهه ملڪن ۾ انتهاپسندي ۽ اسلامو فوبيا جا وڌندڙ واقعا ان ڳالهه جا گهرجائو آهن ته عالمي اڳواڻ ان مسئلي کي سنجيدگي سان وٺن ۽ ان جي روڪٿام لاءِ سخت قدم کڻن. هن چيو ته اهڙيون ويب سائيٽس جيڪي نفرت پکيڙين ٿيون، انهن جي خلاف عالمي سطح تي ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته هن پنهنجي ڪينيڊين هم منصب جسٽن ٽروڊو سان اهو معاملو اٿاريو آهي ۽ هو ان مسئلي جي اهميت کان آگاهه آهي، هو اهڙو اڳواڻ آهي جيڪو آن لائين نفرت پکيڙڻ ۽ اسلام فوبيا جي حوالي سان ادراڪ رکي ٿو پر ٻين عالمي اڳواڻن کي به ان معاملي جي اهميت کي سمجهڻ گهرجي ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته ڪجهه اولهه ۽ عالمي اڳواڻ ان معاملي جي اهميت جو ادراڪ نه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هو انتهاپسندي جي خلاف جسٽن ٽروڊو جي ڪيترن ئي خيالن سان اتفاق ڪري ٿو پر ڪئناڊا جا ڪجهه قانون به اسلامو فوبيا جو سبب بڻجي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ هن ڪيبڪس بل 21 (Quebee’s Bill 21) جو حوالو ڏنو جنهن ذريعي سرڪاري ملازمن بشمول استادن ۽ پوليس آفيسرن تي پنهنجي مذهبي علامت پائڻ تي پابندي هنئي وئي. وزيراعظم چيو ته اها به سيڪيولر انتهاپسندي جي هڪ شڪل آهي جيڪا مسلمانن جي خلاف عدم برداشت جو سبب بڻجي ٿي. هن چيو ته اظهار راءِ جي آزادي جي حد ايستائين آهن جيستائين ٻيو انسان ان کان مجروح نه ٿئي. وزيراعظم عمران خان مسلسل اسلامو فوبيا جي خلاف آواز بلند ڪري رهيو آهي ۽ ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ۽ عالمي پليٽ فارمز تي به ان حوالي سان ڀرپور انداز ۾ ڳالهه ڪئي آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ به هن ان حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو هو ۽ خبردار ڪيو هو ته اسلامو فوبيا جي روڪٿام جي لاءِ عالمي برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
178