رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته هن سال به حج رڳو سعودي عرب جا رهواسي ۽ اتي رهندڙ پرڏيهي ڪري سگهندا. عرب نيوز موجب وزارت اهو اعلان ڪيو آهي ته هن سال فقط 60 هزار حج پانڌيئڙن کي حج ادائگي جي اجازت ڏني ويندي. جنهن ۾ سعودي جا شهري ۽ اتي ئي رهندڙ پرڏيهي شامل آهن. پاڪستان سميت دنيا جي ڪنهن به ملڪ مان ڪنهن کي به حج لاءِ اجازت نه ملندي، سمورن ملڪن کي سُڌ ڏئي ڇڏي آهي. وزارت موجب اهڙو فيصلو پوري دنيا ۾ ڪورونا جي وبا واري صورتحال ۽ وائرس جي نئين شڪلن جي ظاهر ٿيڻ جي ڪري ڪيو ويو آهي. حج ڪرڻ جي لاءِ عمر جي حد 18 کان 65 سال رکي وئي آهي، جڏهن ته حج ڪندڙ خواهشمند لاءِ ڪرونا ويڪيسينيشن لازمي قرار ڏني وئي آهي.
199