فائرنگ 202

شڪارپور ۾ رشتو نه ڏيڻ تان جوابدار جو گهر تي حملو، نوجوان قتل، امڙ زخمي

شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپو شھر جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد الله آباد ڪالوني ۾ ڇوڪريءَ جو رشتو نه ڏيڻ تان جوابدار زاهد ڪٽو سومرا برادري جي گهر تي حملي دؤران فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان راحيل سومرو ۽ سندس امڙ افروز خاتون زخمي ٿي پئي جنهن کانپوءِ جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو، جڏھن ته زخمين کي آر بي يو ٽي سول اسپتال شڪارپور آندو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي نوجوان راحيل سومرو دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ مقتول جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪو گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو، جڏھن ته زخمي عورت کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن مقتول نوجوان جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس شھر جي مقامي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو،ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي حد جي پوليس ٻڌايو ته واقعو ڇوڪريءَ جو سڱ گهرڻ تان پيش آيو آھي جنهن دؤران ڇوڪريءَ جو ڀاءُ قتل ٿيو آھي باقي جوابدار فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي ڳولها ڪريون پيا، نوجوان جي وارثن موجب ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو