فائرنگ 151

ڪراچي جي علائقي ملير ۾ مبينا پوليس مقابلو، فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار شهيد

گلشن اقبال (ويب ڊيسڪ) ڪراچي  جي سچل ٿاڻي جي حد جمالي پل جي ويجهو ڌاڙي جي اطلاع تي پوليس پهتي ته ڦورن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ سچل ٿاڻي جي اهلڪار شبير احمد شاھ ولد يوسف شاھ کي سيني ۾ گولي لڳي ۽ هو موقعي تي ئي شهيد ٿي ويو،  شهيد اهلڪار موري جي ڳوٺ صوفاڻي شاهه جو رهواسي هو، سندس عمر 51 سال هئي ۽ هو 1994ع ۾ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو هو، پوليس موجب ٽن افغاني ڦورن جي اطلاع تي پوليس پهتي ته مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ اهلڪار شهيد ٿي ويو، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچي وئي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو