200

سجاول جوڻيجو ويجهو سالن هٿان گهٽا ڏئي ڀيڻيوو قتل، 2 جوابدار گرفتار

سجاول جوڻيجو (ويب ڊيسڪ) سجاول جوڻيجو ڀرسان ڳوٺ عيد محمد بروهي ۾ مبينا گهرو ڳالهھ تان سالن هٿان گهٽا ڏئي ڀيڻيوو قتل، پورهيت شاهنواز بروهي کي سالن گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي، واقعي جو اطلاع سجاول جوڻيجو پوليس کي ڏنو ويو، جنھن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ميروخان اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو، جيڪو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي وڏي منشي حسند علي چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي بابت معلومات ملي آهي ته مقتول ۽ جوابدار ڌر پاڻ ۾ سالا ڀيڻيوا آهن، جن ۾ گهرو معاملي تان واقعو پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، هوڏانهن آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. ٻئي طرف ڄاڻ ملي آهي ته پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بعد نامعلوم ھنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو