202

بجيٽ ۾غلط انگ اکر پيش ڪيا ويا،شوڪت ترين تي رحم اچي ٿو:فضل الرحمان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته بجيٽ ۾غلط انگ اکر پيش ڪيا ويا، شوڪت ترين تي رحم اچي ٿو، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام مهانگائي ۾پيسجي پيو،هڪ طبقو پنهنجي خوشحالي کي ملڪي خوشحالي سمجهي رهيو آهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف ايسٽ انڊيا بڻجي اسان جي عوام جي آزادي کسي پيو، حڪومت کي هر ڪم لاءِ ايف اي ٽي ايف کان اجازت وٺڻي پوندي آهي، حڪومت کي اهي قانون پاس ڪرڻ نٿا ڏين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو