124

چوٿين لهر جو خطرو، سنڌ ۾ ويڪسينيشن عمل تيز ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي صحت کاتي  ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر جي خطري سبب ويڪسينيشن عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب صحت واري صوبائي وزير عذره پيچوهو جي سربراهي ۾پوليو ۽ ڪورونا وائرس بابت اجلاس ٿيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو چيو ته ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر جو خطرو آهي، ڀارتي قسم جي ڪنٽرول لاءِ ويڪسينيشن جو دائرو وڌايو وڃي، جڏهن ته انڊسٽريز لاڪ ڊائون کان بچڻ لاءِ ورڪرز جي ويڪسينيشن ڪرائين، عملي جي ويڪسينيشن ڪرائيندڙ فيڪٽريز کي هلڻ جي اجازت هوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو