لاهور(ويب ڊيسڪ) ڏهرڪي ٽرين جي ليگج وين ۾حد کان وڌيڪ سامان سبب حادثي جو انڪشاف ٿيو آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آفيسرن ليگيج وين ۾ حد کان وڌيڪ سامان لوڊ ڪيو ۽ حقيقتون پڻ لڪايون هيون. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته لاڳاپيل ڊويزنل جي آفيسرن حقيقتون لڪائڻ لاءِ ليگيج وين ۾مقرر حد کان وڌيڪ سامان بڪ ڪيو هو، ڊپٽي ڊي ايس سکر اصغر ڀٽو ۽ ڊويزنل مڪينيڪل انجنيئر محمد ثقلين سامان کي سيل نه لڳائڻ جو اطلاع ڏنو، جڏهن ته ليگيج وين ۾حد کان وڌيڪ سامان بڪ ٿيڻ تي آفيسرن ثبوت مٽائڻ لاءِ ان جو روٽ تبديل ڪري ڇڏيو هو، ليگيج وين کي مڪمل سيل ئي نه لڳائي وئي،ٽريڪ تي بار پوڻ جي ڪري حادثو پيش آيو.
