199

سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران مختلف شهرن ۾ جلسن جو اعلان، رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) سنڌ ايڪشن ڪميٽي  بحريا واقعي جو ذميوار سنڌ جي حڪمران جماعت، ملڪ رياض ۽ الطاف کي قرار ڏيندي 15 جون تي گڏيل طور تي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ ۽ بحريا واقعي جا تفصيل 14 جون تي پريس ڪلب ڪراچي ۾ پڌرا ڪرڻ ۽ ڪراچي ۾ ڀرپور احتجاج لاءِ 20 جون کان پوري سنڌ ۾ عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اعلان ڄامشورو ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اجلاس اجلاس کان پوءِ ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه،  ڊاڪٽر قادر مگسي، رياض چانڊيو، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ۽ ۽ ٻين پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو، ان سلسلي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ڪنوينر ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، عوامي تحريڪ جي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، عوامي جمھوري پارٽي جي صدر ڪرم علي وساڻ، جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين اسلم خيرپوري، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي صدر مسرور شاھ، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي اڳواڻ نواز خان زئور، جيئي سنڌ قومي محاذ جي عطا بلو، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ آدم ٻٽ، انڊيجينئس ڪميٽي جي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھ، سنڌي ادبي سنگت جي طرفان قومي دانشور تاج جويو، سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم جي اڳواڻ پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق ميراڻي، پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو، روشن ٻرڙو، سيد زين شاھ،  امير حسن پنهور ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 6 جون 2021ع تي بحريا ٽائون ڪراچي جي ڌرڻي بعد پيدا ٿيل صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کانپوءِ پرهجوم پريس بريفنگ ڏيندي سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ سنڌي ۽ مهاجر قوم کي نسل جي بنياد تي ويڙهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، 15 جون تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي قيادت گڏيل طور تي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ٿيندي، جڏهن ته 20 ,21 ,22 جون تي گهاري کان ٽنڊو محمد خان تائين عوامي جلسا ڪيا ويندا. سيد جلال محمود شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌي پنھنجي قومي وسيلن ۽ ڌرتي جي  تحفظ لاءِ ھر وقت سجاڳ آھن، سنڌ جو عوام سنڌ ايڪشن ڪميٽي سان گڏ آھي، جنھن جو ثبوت انھن 6 جون جي ڌرڻي ۾ ۽ ان کان پوءِ جي رد عمل طور پوري سنڌ ۾ ڪيلن سان ڏئي ڇڏيو آھي. اسان جو  پر امن احتجاج بحريا ٽائون جي قبضي ۽ انھي جي سرڪاري طور سرپرستي ڪندڙ سنڌ حڪومت جي خلاف ھو، اھو ڪنھن به طرح نه رياست خلاف ھو ۽ نه ئي بحريا اندر رھندڙ، ڪاروبار ڪندڙ يا رھائشين جي خلاف هو. جيڪي جماعتون اسان جي احتجاج کي ڪراچي تي ڪاھ يا رياست دشمن قرار ڏئي رھيا آھن، اسين سمجھون ٿا بحريا ٽائون اندر 6 جون تي ٿيندڙ تخريب ڪاري ۾ اھي ئي ملوث آھن ۽ انھن ئي بحريا ٽائون جي اندر وڳوڙي ڪارروايون ڪرايون. هن چيو ته بحريا اندر ملڪيتن کي پھتل نقصان تي اسان کي ڏک پھتو آھي، اسين سمجھون ٿا ته ھن سڄي واردات ۾ سنڌ حڪومت ۽ بحريا انتظاميا ملوث آھن، سڄي سنڌ ۾ پ پ سرڪار قومي ڪارڪنن خلاف آپريشن ڪري جدوجھد کي دٻائڻ چاھي ٿي، اسان جا جيترا بہ بيگناھ سياسي ورڪر گرفتار ڪيا ويا آھن انھن جي سھائتا لاءِ ميدان ۾ بيٺل قانوندان قابل تعريف آھن. انھن جو ھر عمل ساراھ جوڳو آھي. انھي سان گڏوگڏ پنجاب جي جن به دانشورن سنڌ جي زمين تي قبضي خلاف عوامي جدوجھد ۾ سنڌ سان يڪجھتي جو اظھار ڪيو آھي، انھن جا پڻ شڪرگذار آھيون. بحريا والار خلاف احتجاج دوران پيش آيل واقعي کانپوءِ جي صورتحال، اڳواڻن جي گرفتارين ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ تي سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس دوران سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي احتجاج ڪرڻ وارين خبرن بابت سوال جي جواب ۾ سيد جلال محمود شاهه چيو آهي، ان بابت حتمي فيصلو ناهي ڪيو ان باوجود قيادت سان صلاح مشورو ڪري پوءِ ئي واضح ڪيو ويندو. پريس بريفنگ ڏيندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو جو چوڻ هو ته بحريا اندر باھ جا حڪمران جماعت وارا, ملڪ رياض ۽ سندن ساٿي ذميوار آهن، حڪمران هاڻي پريشاني ۾ آهن، لکين ماڻهن جي موجودگي ۾ هزارين ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو. جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري، سندس گهر تي بار بار چڙهاين، سندس گهر ڀاتين کي حراسان ڪرڻ، ڊاڪٽر قادر مگسي جي گهر ٻاھريان پوليس جو گهيراءُ، منهنجي گهر تي پوليس چڙهائي، ملير جي مقامي ماڻهن دانشور گل حسن ڪلمتي ۽ ٻين جي گرفتارين سوڌو جيلن ۾ اڳواڻ ۽ ڪارڪنن کي حراسان ڪرڻ پويان پ پ قيادت ملوث آهي ۽ پوليس انهن جي ونگاري بڻيل آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ هو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي سنڌي قوم جي نمائنده تنظيم بڻجي چڪي آهي، ان کي ڪير به ٽوڙي نه ٿو سگهي، 6 جون تي ڳٺ جوڙ ڪري باهه ڏني وئي پر هاڻي پ پ جي ميڊيا سيل کي لڳل باهه کان پوءِ اهي پڌرا ٿي چڪا آهن، پ پ پ جي وزيرن طرفان بحريا باهه واقعي ۾ الطاف حسين کي ملوث هجڻ جو اعتراف ڪرڻ کان پوءِ اسان جي مٿان داخل ڪيس ڪوڙا ثابت ٿي ويا آهن، ان ڪري سمورا داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ احتجاج ۾ شامل اسان جي نياڻين ۽ پر امن ٻارڙن تي تشدد ۽ گهرن تي چڙهايون ڪرائي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪرڻ تي سنڌي قوم کان معافي ورتي وڃي. صنعان خان قريشي جي گرفتاري، ان جي گهر تي ٻيهر چڙهائي ۽ گرفتاريون مذمت جوڳا آهن. ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته  دشمنن ٻڌن ته سنڌ ماٺ ناهي، 20 جون 2021 ع تاريخ کان سنڌ جي تاريخ ٺاهڻ جو سفر شروع ڪنداسين، ڪراچي ۾ رهندڙ لکين سنڌي ۽ بلوچ ماڻهن کي پ پ وارن جي رحم ڪرم تي نه ڇڏينداسن ۽ گرفتار ڪيل ڪنهن به ڪارڪن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. عوامي تحريڪ جي صدر رسول بخش خاصخيلي جو چوڻ هو ته لساني جهيڙا حڪومت ڪرائڻ چاهي ٿي، ان ۾ ملڪ رياض ۽ ان جا ڌنڌوڙي ماڻهو جهيڙن جا ذميوار آهن پر اسان سنڌي ماڻهو سجاڳ ٿي ويا آهيون دشمن ۽ سڄڻن جي پرک ڪري ورتي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو