198

حڪومتي ايندڙ نسل جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، صوبا صرف صوبائي اسيمبلي جي قرارداد ذريعي ئي ان کي اختيار سگهن ٿا:شيرين مزاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) انساني حقن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ايندڙ نسل جي حفاظت لاءِ پر عزم آحي. ڇنڇر ڏينهن چائلڊ ليبر خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته اسان کي مستقبل جي نسل کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنائڻو آهي ته هر ٻار کي تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. هن چيو ته موجوده حڪومت اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ گهريلو چائلڊ ليبر تي پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ چائلڊ ايمپلائمنٽ ايڪٽ 1991 جي شيڊيول – 1 ۾ ترميم ڪئي آهي، صوبا صرف صوبائي اسيمبلي جي قرارداد ذريعي ئي ان کي اختيار سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته انساني حقن واري وزارت ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ قانونن ۽ اداراتي طريقيڪار کي مستحڪم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته 14 سال کان گهٽ عمر جي ٻارن کي مزدوري کان بجاءِ اسڪول وڃن گهرجي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو