فائرنگ 114

ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ نامعلوم هٿيار بند گهر ۾ گهڙي فائر ڪري ناري کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي لانڍي نمبر 6 واري علائقي ۾ نامعلوم هٿيار بند گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري 22 ورهين جي ناري کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو. رپورٽ مطابق ڪراچي جي لانڍي ٿاڻي جي حد ۾ واقع لانڍي نمبر 6 واري علائقي ۾ نامعلوم هٿيار بند گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري 22 ورهين جي بسمه زال امانت علي کي گهر اندر گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو. پوليس موجب مقتولا جو مڙس امانت علي گذريل رات گهران فرار ٿي ويو هو. مقتولا جي لاش کي قانوني ڪارروائي جي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب مقتولا جي مڙس جي ڳولا پڻ جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو