فائرنگ 115

ڪراچي جي شير شاهه واري علائقي ۾ نامعلوم هنڌ تان آيل گولي لڳڻ سبب 6 ورهين جي نينگري زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي شير شاهه واري علائقي ۾ نامعلوم هنڌ تان آيل گولي لڳڻ سبب 6 ورهين جي نينگري زخمي ٿي پئي آهي جنهن کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. تفصيل مطابق شير شاهه واري علائقي ۾ عالمگير روڊ ڀرسان نامعلوم هنڌ تان آيل گولي لڳڻ سبب 6 ورهين جي ندا ڌيءَ ناصر زخمي ٿي پئي جنهن کي سول اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ساڳيءَ ريت پير آباد ٿاڻي جي حد ۾ واقع شاهي قبرستان ڀرسان نامعلوم هنڌ تان آيل گولي لڳڻ سبب 14 ورهين جو واجد پٽ محمد عالم زخمي ٿي پيو جنهن کي عباسي شهيد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو