واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) خلائي سفر جي شوقين نامعلوم همراهه 10 منٽن جي خلا ۾ سفر لاءِ 28 ملين ڊالرز جي سيٽ بڪ ڪرائي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، رپورٽ مطابق بليو اوريجن پاران هڪ مهينو اڳ 10 منٽن جي خلا ۾ سفر لاءِ شوقين ماڻهن لاءِ آن لائين نيلامي رکي، جنهن ۾ 140 ملڪن جي شهرين حصو ورتو، نيلامي ۾ هڪ نامعلوم همراهه 28 ملين ڊالرز ۾ سيٽ بڪ ڪرائي، هو ان 10 منٽن جي سفر لاءِ مشهور ڪمپني ايمازون جي مالڪ جيف بيزوس سان گڏ ويندو. جڏهن ته ٽڪيٽ جا مليل پئسا فائونڊيشن کي عطيي طور ڏنا ويندا.
132