214

وفاق سنڌ جو پاڻي چوري ڪري ٿو، اين ايف سي ۾به حصو نه ٿو ڏئي: نثار کهڙو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي پاران پاڻي جي کوٽ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾احتجاجي مظاهرا،ڌرڻا. پيپلزپارٽي جي سنڌ صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته حيدرآباد ۾عوام تاريخي ڌرڻو هڻي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته حقن تان هٿ نه کڻنداسين، رپورٽ موجب حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ تي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو, پ پ منارٽي ونگ سنڌ جي صدر ايم پي اي ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي, پ پ حيدرآباد ڊويزن جي صدر سيد علي نواز شاهه رضوي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ جيالن جيالين شرڪت ڪئي. جن وفاق جي زيادتين خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي دل حيدرآباد ۾ وفاق جي ناانصافين خلاف عوام تاريخي ڌرڻو هڻي ٻڌائي ڇڏيو ته حقن تان هٿ نه کڻنداسين. سنڌ جا حق وفاقي سرڪار کان ڇڪي وٺنداسين. هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف هي 24 هون ڌرڻو لڳو آهي پر هي حڪمران انڌا ٻوڙا ۽ گونگا آهن. جيڪي ڪجهه به نٿا سمجهي سگهن. سنڌ جي سرزمين لاء پاڻي کپي. وفاق سنڌ جو پاڻي چوري ڪري ٿو, هي پي ٽي آء نه پر پاڻي چور سرڪار آهي, غلط وقت تي تربيلا کي بند ڪيو ۽ چشما جهلم لنڪ کولي ڇڏيو. توهان پاڻي چوري ڪري آرام سان ويهي نٿا سگهو, اسان اسلام آباد ۽ بني گالا به ڏٺو آهي. اسان هميشه پاڻي لاء وڙهندا رهيا آهيون. هن چيو ته سنڌ جي آدمشماري ڪوڙي ڪري اين ايف سي ۾ حصو گهٽ ڪري ڇڏيو آهي, پ پ 2010 ۾ صوبن جو حصو اين ايف سي ۾ وڌايو ۽ هن حڪومت گي 2020 ۾ اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻو هو جيڪو اڃا تائين ناهي ڏنو ويو. سنڌ 70 سيڪڙو ملڪي معيشت ۾ حصو ڏي ٿو. سنڌ کي خيرات نه پر پنهنجو حق حصو کپي. هن چيو ته عمران خان جو عوام کي گهر ۽ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان خواب بڻجي ويو آهي. بجيٽ ۾ سنڌ جي حصي ۾ ڪٽوئي ڪئي وئي آهي. ايل بي او ڊي ري ماڊلنگ جو مطالبو نظر انداز ڪيو ويو آهي. روزگار ۽ پاڻي کي بند ڪرڻ سنڌ جو معاشي قتل آهي. سنڌ هر ڀيري چيو آهي ته پاڪستان کپي. موجوده وفاقي  حڪومت سنڌ صوبي جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. عمران خان سنڌ سان تعصب ڏيکاري رهيو آهي. پاڻي ته ملڻ شروع ٿي ويو آهي پر سنڌ کي ٻيا به حق ڏيڻا پوندا. عمران خان چئي ٿو ته صوبائي خودمختياري بعد وفاق سڃو ٿي ويو آهي ڪڏهن تنهنجو پيٽ ڀربو پنهنجو رت ڏيون ڇا. هن چيو ته وفاقي حڪومت بينظير جو نالو چوري ڪري احساس پروگرام جون ڀڙڪيون هڻي رهي آهي. اچو دل کولي سنڌ جو سوچو. سڀني کي چوان ٿو ته دل وسيع ڪيو ته سنڌ خوشحال ٿي ويندي. هن چيو ته سنڌ ۾ هر ننڍي چونڊ عوام جي مدد سان پ پ کٽيندي آهي. ان ڪري عمران خان هوش کان ڪم وٺ ملنگن کي نه ڇيڙ, اسان بصر سان به ماني کائي زندهه رهنداسين پر سنڌ دشمني ۾ توکي نه ڇڏينداسين. پ پ منارٽي ونگ سنڌ جي صدر ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي خطاب ڪندي چيو ته وفاق جون سنڌ سان زيادتيون وڌي ويون آهن. سنڌ جو عوام ظلم زيادتين خلاف روڊن تي نڪري چڪو آهي. هن چيو ته سنڌ جا حق وفاق کان ڇني به وٺنداسين. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري پاڻي چور پنجاب کي نوازيو پيو وڃي. سنڌ جي پاڻي چوري جو پنجاب کي حساب ڏيڻو پوندو. سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي پورو ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پ پ عوامي جمهوري پاڻي آهي. جيڪا مضبوط وفاق جي علامت آهي. هن حڪومت وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪيون آهن. وفاق کي ڪمزور ڪرڻ جي عمران خان ڪوشش ڪئي آهي پر پ پ وفاق کي مضبوط ڪرڻ ۽ صوبن کي حق ڏيڻ جي جدوجهد ڪري پئي. ڌرڻي کي پ پ حيدرآباد ڊويزن جي صدر سيد علي نواز شاهه رضوي پ پ ضلعي حيدرآباد جي صدر صغير قريشي جنرل سيڪريٽري علي محمد سهتي عامر لغاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جيلاني هائوس پٻڻ شريف کان ٽنڊوڄام پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍڻ بعد ڌرڻو هنيو ويو، جنهن جي اڳواڻي پ پ پ ضلعي حيدرآباد ٻهراڙي جي صدر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير پير امجد حسين شاهه جيلاني ڪئي ، جڏهن ته احتجاج ۾ ايم اين اي سيد طارق شاهه ڄاموٽ، پ پ پ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري مير شير محمد ٽالپر، پ پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ جو پٽ روال شرجيل، اڳوڻو چيئرمين ضلعي ڪائونسل بدر ميمڻ، اسماعيل وساڻ،اسامہ منان شريف قريشي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، احتجاج لاءِ پريس ڪلب اڳيان ڪئمپ قائم ڪئي ويئي هئي، جهن ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن وڏي تعداد ۾ پهچي وفاقي سرڪار ۽ ارسا خلاف شديد نعريبازي پڻ ڪئي، ان موقعي تي تقرير ڪندي پير امجد حسين شاهه جيلاني چيو ته ارسا جي ٻه اکيائي سبب سڄي سنڌ  ۾ پوکيل ڪمند، ووئنڻ، سارين جي ٻيجاري سميت پوکيل ٻين فصلن کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي، مگر ارسا وارن جي ڪن تي جوء به نٿي سُري، هن چيو ته هٿ وٺي سنڌ سان ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، جنهن سان وفاق کي شديد نقصان رسي رهيو آهي، اهڙي عمل سان صوبن وچ ۾ تڪرار سان گڏ هڪ ٻئي ۾ نفرتون پيدا ٿي رهيون آهن، ان ڪري وفاقي حڪومت کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻ گهرجي ۽  فيڊريشن کي ڪمزور ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سنڌ صوبي کي پنهنجي حصو جو پورو پاڻي ڏنو وڃي، ايم اين اي طارق شاهه ڄاموٽ چيو ته پاڻي نه ملڻ سبب زرعي پاڻي سان گڏ انساني آبادي  پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان آهي، ڏڪار جهڙي صورتحال آهي، سنڌ ۾ چوپايو مال پڻ اڃ وگهي مري رهيو آهي، هن چيو ته سنڌ صوبي کي نه پنهجي حصي جو پاڻي ٿو ملي، نه پوري بجلي پئي ملي، سنڌ کي پنهجا حق ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ عوام پنهنجا حق کسي وٺڻ به ڄاڻي ٿو، راول شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ پوري ملڪ جي خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ سنڌ جو تمام وڏو حصو آهي، پر موٽ ۾ سنڌ سان تعصب جو شڪار بڻايو پيو وڃي، جنهن سان سنڌ جي عوام ۾ شديد ڪاوڙ آهي، هن چيو ته نيازي سرڪار سنڌ کي پوئتي ڌڪڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ٿو ڇڏي، هن چيو ته پ پ پ جا ڪارڪن ۽ سنڌ جو عوام اهڙي حرڪت برداشت نه ڪندو، ان ڪري فوري طور سنڌ کي پورو پاڻي، بجلي ۽ ترقياتي منصوبن ۾ حصو ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. ٻئي طرف ٽنڊوالهيار ۾ پ پ جي سڏ تي بچاڻي هائوس کان سوين ماڻهن پاران پ پ ايم اين اي ۽ ضلعي صدر ذوالفقار ستار بچاڻي جي اڳواڻي ۾ ارسا خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي بچاڻي بچاڻي هائوس کان نڪتي جيڪا شهر جي لياقت گيٽ تي ڌرڻي ۾ تبديل ٿي وئي جتي پ پ پ ڪارڪنن پاران ارسا ۽ وفاقي حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ريلي ۾ نصرپور ، چمبڙ ، عثمان شاه هڙي ، پيارولنڊ ، مسڻ ، بڪيراشريف سميت مختلف شهرن جي ماڻهن وڏي انگ ۾ پ پ پ ڪارڪنن شرڪت ڪئي ان موقعي تي پ پ پ ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي . ضلعي جنرل سيڪريٽري مولا بخش ٿيٻو . انفارميشن سيڪريٽري ظهير پتافي . سٽي صدر آفتاب جوڻيجو . تعلقه صدر رمضان مري . وسيم لطيف مڱريو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ارسا چيئرمين وزيراعظم عمران خان جو ڪمندار آهي جيڪو سنڌ جي حصي جو پاڻي نه ڏئي اسان سان ناانصافي ڪري رهيو آهي هنن چيو ته سنڌ ۾ هن وقت پاڻي جي 40 سيڪڙو کوٽ آهي ، سنڌ کي طئه ٿيل معاهدي تحت پاڻي نه پيو ڏنو وڃي سنڌ جو اپوزيشن ليڊر قبضه مافيا پاڻي چورن سان ارسا جي بي ٽيم تحت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي هنن چيو ته حليم عادل شيخ وڏو ڊرامي باز آهي جيڪو اسلام آباد ۾ ويهي چوي ٿو سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ناهي ، جيڪا شرم جهڙي ڳالهه آهي ارسا سنڌ سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪري رهي آهي ، ارسا سنڌ جي نمائيندي سان بدتميزي ڪئي هنن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آء اڳواڻ علي پلهه خود پاڻي چوري ڪري وري مظلوم بڻجي رهيو آهي ارسا جي ظلمن خلاف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي احتجاجي ريلي ڪڍي ارسا کي قبلو درست ڪرڻ جي وارننگ ڏني آهي ارسا قبلو درست ڪري سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي ڏي ٻي صورت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي ان موقعي تي مينارٽي ونگ اڳواڻ ڊاڪٽر ڪرشن . جبران امين حيدري . فرحان پتافي ۽ ٻيا موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو