اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته عمران خان وفاقي پارلياماني نظام جمهوريت کي ختم ڪري صدارتي نظام مڙهي پيو، هن چيو ته اها ترميم قائداعظم جي سياسي نظرياتي فڪر ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلن خلاف آهي، آئين جي بنيادي ڍانچي ۽ تصور جي خلاف اها ترميم آڻي رهيا آهن.
193