لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي زير عثمان بزدار سان (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ميمبرن ملاقات ڪئي، چونڊيل نمائندن پنهنجي علائقي جي مسئلن کان وڏي وزير کي آگاهه ڪيو، جڏهن ته ملاقات ڪندڙن ۾محمد فيصل خان نيازي، رئيس نبيل احمد، غضنفر عباس،اظهر عباس چانڊيو، سيد عباس علي، طاهر بشير چيما، يونس انصاري، جليل شرقپوري، چوڌري اشرف انصاري،محمد غياث الدين ۽ مسعود مجيد شامل هئا، ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو ته منهنجا دروازا سڀني جي لاءِ کليل آهن، مسئلا حل ڪنداسين، پنجاب جي نئين بجيٽ عوام جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي آڻيندي.
119