اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو آهي ته 20 رپيا في ليٽر پيٽرول قيمت ۾واڌ لاءِ تيار ٿيو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سليم مانڊوي والا چيو ته حڪومت ٽيڪس لڳائي عام ماڻهو جي کيسن تي ڌاڙو هنيو آهي، 27 سئو ارب رپين جا ان ڊائريڪٽ ٽيڪس لڳايا آهن،چون ٿا ٽيڪس ناهن لڳا، جڏهن ته تيل قيمتن ۾واڌ سان عوام تي اثر پوندو ۽ وڏي تباهي ڪئي وئي آهي.
