اسلام آباد/ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 56 حياتيون کسي ورتيون، 1200 نوان ڪيس رپورٽ، سنڌ ۾7 مريض فوت ٿي ويا. رپورٽ موجب ملڪ ۾24 ڪلاڪن دوران پازيٽو ڪيسن جي شرح 3.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته 56 ڄڻا موت جي منهن ۾ هليا ويا، هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس واري صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 7 مريض فوت ٿيا، جڏهن ته 580 ڪيس سامھون آيا ۽ 271 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن. اھا ڳالھھ اڄ آچر ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وبا بابت جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 12825 نمونن جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن جي نتيجي ۾ 580 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن يعني تشخيص واري شرح 4.5 سيڪڙو بڻجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ وڌيڪ 7 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جنھن کانپوءِ گڏيل انگ 5243 ٿي ويو آھي يعني فوتگيءَ واري شرح 1.6 سيڪڙو بڻجي ٿي. وڏي وزير چيو آھي ته ھن وقت تائين 4286083 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي آھي ۽ 328167 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هن چيو ته اڄ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 271 مريض صحتياب ٿيا آھن ۽ ھن وقت تائين گڏيل طور تي 299446 مريض صحتياب ٿيا آھن يعني بحاليءَ واري شرح 91.2 سيڪڙو بڻجي ٿي. ھن چيو تھ ھن وقت 23478 مريض علاج ھيٺ آھن جن مان 22755 مريض گهرن اندر قرنطينه آھن، 703 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آھن ۽ 20 مريض آئيسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ 644 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي جن مان 57 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو آھي تھ صوبي جي 580 ڪووڊ ڪيسن مان 355 ڪراچي شھر مان رپورٽ ٿيا آھن. ضلعي وار انگ اکر بيان ڪندي ھن وڌيڪ چيو تھ اوڀر ڪراچي ۾ 130، سينٽرل ڪراچي 68، ڏکڻ ڪراچي 64، ڪورنگي 47، اولھھ ڪراچي 25، حيدرآباد 25، ملير 21، ڄامشورو 17، ڪشمور 17، مٽياري 16، بدين 15، عمرڪوٽ 14، سجاول 12، ٽنڊو الھيار 12، ميرپورخاص 10، سانگھڙ 10، نوابشاھھ 10، نوشھرو فيروز 9، قمبر 9، خيرپور 8، دادو 8، ٿرپارڪر 8، سکر 5، جيڪب آباد 5، لاڙڪاڻو 2، گھوٽڪي 2 ۽ شڪارپور ۾ ھڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آھي تھ پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن جي زندگي بچائڻ لاءِ لازمي طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو وڃي.
