202

حڪومت هيرا ڦيري ڪري پئي،بجيٽ ۾383 ارب جا نوان ٽيڪس آهن:شاهد خاقان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت هيرا ڦيري ڪري پئي،بجيٽ ۾383 ارب جا نوان ٽيڪس آهن، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته  12سئو ارب جا نوان ٽيڪس لڳائڻ باوجود 8 سئو ارب وڌيڪ رقم ورتي وئي آهي، جڏهن ته اهو عوام جو پيٽ ڪاٽي جعلي ٽارگيٽ پورو ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، حڪومت نمبرن جي هيرا ڦيري سان عوام کي دوکو ڏيڻ چاهي ٿي، وفاق هاڻي هن ڳالهه تي ڀاري پيو ته صوبا ڪم نه ڪندا ته بچت ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو