لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) پنجاب جي ترجمان عظميٰ بخاري چيو آهي ته عثمان بزدار بجيٽ پاس ڪرائڻ لاءِ بليڪ ميلنگ جو سهارو وٺي رهيو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته انهن لوٽن سان ڪو تعلق ناهي،اهي نه گهر جا نه گهاٽ جا آهن، هن وڌيڪ چيو ته سڀ لوٽا ۽ بليڪ ميلر توهان کي مبارڪ هجن، اسان جو ڪو به واسطو ناهي.عمران خان جي بجيٽ سيڙپڪارن ۽ عثمان بزدار جي بجيٽ سهولتڪارن لاءِ آهي
