مظفر آباد(ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر جي ترجمان چيو آهي ته چونڊ لسٽ تياري ۾آزاد ڪشمير حڪومت يا وزيراعظم آفيس جو ڪردار ناهي، هن چيو ته ڪنهن کي آزاد ڪشمير چونڊن بابت سندن جماعت غلط بريف ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن بااختيار ادارو آهي،ڪيترن مهينن کان ووٽرن لسٽ جي تيارين ۾مصروف آهي، هن وڌيڪ چيو ته حتمي ووٽر لسٽون ڇاپڻ کان اڳ ڪيتريون تجويز ڪيل لسٽون شايع ڪيون وڃن ٿيون.
