ميرپورماٿيلو (ويب ڊيسڪ) سيپڪو ميرپورماٿيلو جي اختيارين پاران داد لغاري شهر سميت سوين ڳوٺن کي بجلي ڏيندڙ داد لغاري فيڊر کي گذريل 12 ڏينهن کان بند ڪري ڇڏڻ واري عمل کانپوءِ شهرين پاران ڪيترائي ڀيرا ايس ڊي او سيپڪو ۽ ايڪسئن آفيس آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ باوجود بجلي بحال نه ٿي سگهي. جڏهن ته گذريل 12 ڏينهن کان مسلسل سوين ڳوٺن سميت داد لغاري شهر جي بجلي بند هجڻ ڪري ڪيترائي پيرسن مرد توڙي عورتون سخت گرمي سبب بيهوش ٿيڻ سبب روز جي معمول سبب اسپتالن ۾ پهچڻ جو سلسلو جاري آهي. داد لغاري جي شهرين کي مٺو پاڻي سپلائي ڪندڙ واٽر سپلاءِ بجلي بند هجڻ ڪري پاڻي جي سهولت کان به شهري 12 ڏينهن کان محروم آهن ۽ شهري سخت گرمي ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري پري پري کان زمينن ۾ لڳل نلڪن تان پاڻي ڀري اچڻ تي مجبور آهن. اهڙي سيپڪو جي ناانصافي خلاف داد لغاري شهري اتحاد جي سڏ تي شهرين جو هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اڳواڻن لطف علي لغاري ، امداد علي سومرو ، علي اڪبر لغاري ، شفقت علي منگي ، نثار احمد ، عبدالحڪيم لغاري ، رياض لوهار ، لشڪر خشڪ، محمد اويس ڪرني، محمد اسلم لغاري ۽ قاري بشير احمد لغاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته داد لغاري شھر ۾ تقريبن سيپڪو جا 250 ميٽر جنهن جي مڪمل رڪوري ٿيڻ ۽ دادلغاري شھر ايڪسپريس ڪرڻ باوجود ايس ڊي او سيپڪو گذريل 12 ڏينهن کان مختلف جواز ڏيکاري بنا جواز داد لغاري جو فيڊر بند ڪري سوين ڳوٺن جي رهواسين ۽ دادلغاري جي شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي هڪ طرف سخت گرمي ٻي طرف بجلي نه هجڻ ڪري واٽر سپلائي 12 ڏينهن کان بند هجڻ سبب شھرين جي زندگي مفلوج بڻجي چڪي آھي ۽ داد لغاري جا شھري ۽ مختلف ڳوٺن ۾ رهندڙ پيرسن مرد توڙي عورتون سخت گرمي سبب بيهوش ٿي اسپتالن ۾ پهچڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي شهرين پاران مجبور ٿي احتجاج جو رستو اختيار ڪندي هر روز احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي شهري اتحاد جي صدر محمد اسلم لغاري ۽ چيئرمين قاري بشير احمد لغاري پاران هڪ قرارداد ذريعي سيپڪو جي چيف انجنيئر واپدا جي چئرمين ۽ واپڊا جي وفاقي وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته داد لغاري جي 12 ڏينهن کان بنا جواز بجلي بند هجڻ جو فورن نوٽس وٺي ذميوار اختيارين خلاف ڪاروائي ڪري شهرين کي بجلي فراهم ڪئي وڃي هوڏانهن شهري اتحاد پاران فيصلو ڪيو ويو آهي ته 24 ڪلاڪن اندر بجلي بحال نه ٿي ته آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪري سيپڪو جي اعلي اختيارين تائين اعلي عدالت ذريعي آواز پهچائينداسون ۽ سيپڪو ميرپورماٿيلو جي ايس ڊي او سميت ذميوار عملدارن خلاف اعلي عدالت ۾ پيٽشن پڻ داخل ڪرائي داد لغاري جي بجلي جي بحال ڪرائڻ سان گڏوگڏ ٿيل نقصان جو به انصاف ورتو ويندو.
