فائرنگ 124

ڪراچي جي سيڪٽر 7 – ڊي جي علائقي ۾ نامعلوم هٿيار بندن جي فائرنگ، نوجوان کي قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي سيڪٽر 7 – ڊي جي علائقي ۾ نامعلوم هٿيار بندن فائرنگ ڪري هڪ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. تفصيل مطابق ڪراچي جي سرجاڻي ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ واقع سيڪٽر 7 – ڊي جي علائقي ۾ ڪيمبرج اسڪول وٽ ٻن نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪري 25 ورهين جي ڪريم نواز کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني لڳي ٿو جڏهن ته مقتول جي لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو